025 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 77 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰي عَبْدِهٖ لِيَكُوْنَ لِلْعٰلَمِيْنَ نَذِيْرَا 1ۙ
نهايت بابرڪت آهي اها ذات جنهن پنهنجي حبيب ڪريم تي قرآن ڪريم نازل فرمايو ان لاءِ ته رسولِ عربي سڀني جهانن وارن لاءِ نذير هجي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديۨالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَّلَمْ يَكُنْ لَّهُ شَرِيْكٌ فِي الْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيْءٍ فَقَدَّرَهٗ تَقْدِيْرًا 2
الله اهو آهي جنهن لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي ۽ ان ڪو اولاد نه ورتو ۽ نه ئي سندس ملڪ ۾ سندس ڪو شريڪ آهي ۽ پاڻ هر شيءِ کي پيدا ڪيو پوءِ ان کي صحيح اندازي تي رکيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً لَّا يَـخْلُقُوْنَ شَـيْـــــًٔا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ وَلَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَّلَا نَفْعًا وَّلَا يَمْلِكُوْنَ مَوْتًا وَّلَا حَيٰوةً وَّلَا نُشُوْرًا 3
۽ انهن (ڪافرن) الله تعالى کانسواءِ معبود بنايا جيڪي ڪا شيءِ پيدا نٿا ڪن ۽ اهي (بت) پاڻ پيدا ڪيل آهن ۽ اهي پنهنجي وجودن لاءِ نفعي ۽ نقصان جا مالڪ ناهن ۽ انهن کي پنهنجي موت ۽ زندگي ۽ اٿڻ جي طاقت ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ٓ اِنْ ھٰذَآ اِلَّآ اِفْكُ ۨافْتَرٰىهُ وَاَعَانَهٗ عَلَيْهِ قَوْمٌ اٰخَرُوْنَ ڔ فَقَدْ جَاۗءُوْ ظُلْمًا وَّزُوْرًا ڔ 4
۽ ڪافر چون ٿا ناهي هي (قرآن) مگر هڪ ڪوڙ، جيڪو ان پاڻ ٺاهيو آهي ۽ ان جي ٻين ماڻهن مدد ڪئي آهي، پوءِ بيشڪ انهن (ڪافرن) ظلم ۽ ڪوڙ ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالُوْٓا اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلٰى عَلَيْهِ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 5
۽ انهن (ڪافرن) چيو (هيءُ) پهرين ماڻهن جون آکاڻيون آهن جن کي ان پاڻ لکيو آهي، پوءِ اهي ان تي صبح ۽ شام پڙهيون وڃن ٿيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اَنْزَلَهُ الَّذِيْ يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 6
رسولِ عربي توهان فرمايو ته (قرآن ڪريم) ان مقدس ذات نازل فرمايو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو غيب ڄاڻي ٿو، بيشڪ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالُوْا مَالِ ھٰذَا الرَّسُوْلِ يَاْكُلُ الطَّعَامَ وَيَمْشِيْ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ لَوْلَآ اُنْزِلَ اِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُوْنَ مَعَهٗ نَذِيْرًا 7
۽ (ڪافرن) چيو هن رسول کي ڇا ٿيو جو اهو طعام کائي ٿو ۽ اهو بازارن ۾ هلي ٿو، ڇو نه ان ڏانهن ڪو ملائڪ موڪليو ويو جيڪو ان سان گڏجي ڊيڄاري ها
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوْ يُلْقٰٓى اِلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ تَكُوْنُ لَهٗ جَنَّةٌ يَّاْكُلُ مِنْهَا ۭ وَقَالَ الظّٰلِمُوْنَ اِنْ تَتَّبِعُوْنَ اِلَّا رَجُلًا مَّسْحُوْرًا 8
يا ڇو نه ان کي ڪو خزانو مليو يا ڇو نه ان کي ڪو باغ مليو جو ان مان کائي ها، ۽ ظالمن چيو نٿا تابعداري ڪريو توهان مگر هڪ مرد جي جنهن تي جادو ٿيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُنْظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوْا لَكَ الْاَمْثَالَ فَضَلُّوْا فَلَا يَسْتَطِيْعُوْنَ سَبِيْلًا 9ۧ
رسولِ عربي توهان ڏسو ته اهي توهان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا مثال ڏين ٿا، پوءِ اهي گمراه ٿيا پوءِ اهي ڪو رستو حاصل ڪري نه سگھندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَبٰرَكَ الَّذِيْٓ اِنْ شَاۗءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّنْ ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ وَيَجْعَلْ لَّكَ قُصُوْرًا 10
نهايت برڪت وارو آهي اهو الله جو جيڪڏهن اهو چاهي ته توهان لاءِ ان کان بهتر نعمتون عطا ڪري، (يعنى) اهڙا باغ جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هجن، ۽ توهان لاءِ محلات تيار ڪرائي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلْ كَذَّبُوْا بِالسَّاعَةِ ۣ وَاَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِيْرًا ۚ11
بلڪ انهن قيامت کي ڪوڙو سمجھو ۽ جن ماڻهن قيامت کي ڪوڙو سمجھو انهن لاءِ اسان سخت ڀڙڪندڙ باه تيار ڪئي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذَا رَاَتْهُمْ مِّنْ مَّكَانٍۢ بَعِيْدٍ سَمِعُوْا لَهَا تَغَيُّظًا وَّزَفِيْرًا 12
جڏهن انهن کي اها باه پري جاءِ کان ڏسندي ته اهي (ڪافر) انهي باه جي جوش ۽ گڙ گڙ جو آواز ٻڌندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَآ اُلْقُوْا مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِيْنَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُوْرًا ۭ13
۽ جڏهن انهن کي زنجيرن سان جڪڙي دوزخ جي سوڙهي جاءِ تي وڌو ويندو ته (اهي ڪافر پنهنجي) هلاڪت کي پڪاريندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُوْرًا وَّاحِدًا وَّادْعُوْا ثُبُوْرًا كَثِيْرًا 14
توهان اڄ هڪڙي هلاڪت کي نه پڪاريو پر توهان گھڻين هلاڪتن کي پڪاريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اَذٰلِكَ خَيْرٌ اَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاۗءً وَّمَصِيْرًا 15
رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا اها بهتر آهي يا هميشه وارو بهشت جنهن جو پرهيزگارن کي وعدو ڏنو ويو آهي، اها انهن جي جزا ۽ موٽڻ جي جاءِ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَهُمْ فِيْهَا مَا يَشَاۗءُوْنَ خٰلِدِيْنَ ۭ كَانَ عَلٰي رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔـوْلًا 16
انهن لاءِ بهشت ۾ اهو سڀ ڪجھه هوندو جيڪو پاڻ چاهيندا هميشه ان ۾ رهندا، رسولِ عربي اهو وعدو پورو ڪرڻ توهان جي رب جو ذمون آهي، (توهان ان کان ان لاءِ دعا گھرو)
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ فَيَقُوْلُ ءَ اَنْتُمْ اَضْلَلْتُمْ عِبَادِيْ هٰٓؤُلَاۗءِ اَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيْلَ ۭ17
۽ ان ڏينهن الله انهن کي گڏ ڪندو ۽ انهن بتن کي (گڏ ڪندو) جن جي اهي الله کانسواءِ عبادت ڪندا هئا، پوءِ الله تعالى فرمائيندو ڇا توهان منهنجي انهن ٻانهن کي گمراه ڪيو يا اهي پاڻ سنئين رستي کان گمراه ٿيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا سُـبْحٰنَكَ مَا كَانَ يَنْۢبَغِيْ لَنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ مِنْ دُوْنِكَ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ وَلٰكِنْ مَّتَّعْتَهُمْ وَاٰبَاۗءَهُمْ حَتّٰي نَسُوا الذِّكْرَ ۚ وَكَانُوْا قَوْمًۢا بُوْرًا 18
اهي چوندا تون پاڪ آهين، اسان کي مناسب ناهي جو اسين تو کانسواءِ ڪي مددگار بنايون پر تو پاڻ انهن کي ۽ انهن جي وڏن کي عمر ۽ رزق ۾ برڪت ڏني، ايستائين جو انهن نصيحت کي وساريو ۽ اها قوم هلاڪ ڪيل هئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقَدْ كَذَّبُوْكُمْ بِـمَا تَقُوْلُوْنَ ۙ فَـمَا تَسْتَطِيْعُوْنَ صَرْفًا وَّلَا نَصْرًا ۚ وَمَنْ يَّظْلِمْ مِّنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيْرًا 19
پوءِ بيشڪ انهن توهان جي چوڻ کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ انهن کي ان کان ڦِرڻ ۽ مدد ڪرڻ جي طاقت نه هئي، ۽ جيڪو ماڻهو توهان مان ظلم ڪري ٿو اسين ان کي وڏو عذاب چکايون ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ اِلَّآ اِنَّهُمْ لَيَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَيَمْشُوْنَ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً ۭ اَتَصْبِرُوْنَ ۚ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيْرًا ۧ20
۽ نه موڪليا اسان توهان (رسولِ عربي) کان اڳ ۾ پيغمبر مگر بيشڪ اهي طعام کائيندا هئا ۽ اهي بازارن ۾ هلندا هئا، ۽ اسان توهان مان ڪِن کي ڪِن ماڻهن لاءِ فتنو بنايو، ڇا توهان (تڪليفن تي) صبر ڪريو ٿا؟ ۽ توهان جو رب ته (چڱي طرح) ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي