023 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 118 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
قَدْ اَفْلَحَ الْمُؤْمِنُوْنَ 1ۙ
مؤمن يقيناً ڪامياب ٿيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ صَلَاتِهِمْ خٰشِعُوْنَ 2ۙ
اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي نماز ۾ (خوفِ خدا کان) عاجزي ڪندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُوْنَ 3ۙ
۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي فضول ڳالهين کان پاسو ڪندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ هُمْ لِلزَّكٰوةِ فٰعِلُوْنَ 4ۙ
۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي زڪوات ڏيندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ هُمْ لِفُرُوْجِهِمْ حٰفِظُوْنَ 5ۙ
۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِلَّا عَلٰٓي اَزْوَاجِهِمْ اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْمَانُهُمْ فَاِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُوْمِيْنَ 6ۚ
سواءِ پنهنجي گھر وارين جي ۽ پنهنجي ٻانهين جي، پوءِ بيشڪ انهن تي ڪا ملامت ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَمَنِ ابْتَغٰى وَرَاۗءَ ذٰلِكَ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْعٰدُوْنَ 7ۚ
پوءِ جنهن ماڻهو انهيءَ کان علاوه ٻيو ڪو طريقو اختيار ڪيو پوءِ اهي ئي ماڻهو حد کان وڌندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ هُمْ لِاَمٰنٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رٰعُوْنَ 8ۙ
۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي امانتن ۽ وعدن جي نگراني ڪندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ هُمْ عَلٰي صَلَوٰتِهِمْ يُحَافِظُوْنَ 9ۘ
۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْوٰرِثُوْنَ ۙ10
اهي ماڻهو ئي وارث ٿيندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ يَرِثُوْنَ الْفِرْدَوْسَ ۭ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 11
جيڪي جنت الفردوس جا وارث ٿين ٿا، اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ سُلٰـلَـةٍ مِّنْ طِيْنٍ ۚ12
۽ بيشڪ اسان انسان کي چونڊيل مٽيءَ مان پيدا فرمايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ جَعَلْنٰهُ نُطْفَةً فِيْ قَرَارٍ مَّكِيْنٍ ۠13
ان کانپوءِ اسان ان کي هڪ نطفو بنائي ماءُ جي پيٽ ۾ رکايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ خَلَقْنَا النُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَـلَقْنَا الْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَـلَقْنَا الْمُضْغَةَ عِظٰمًا فَكَسَوْنَا الْعِظٰمَ لَحْــمًا ۤ ثُـمَّ اَنْشَاْنٰهُ خَلْقًا اٰخَرَ ۭ فَتَبٰرَكَ اللّٰهُ اَحْسَنُ الْخٰلِقِيْنَ ۭ14
ان کان پوءِ اسان ان نطفي مان رت جو دڳ بنايو پوءِ اسان دڳ مان گوشت جو ٽڪرو بنايو، پوءِ گوشت جي ٽڪري مان هڏيون بنايون پوءِ هڏين جي مٿان گوشت چاڙهيوسين، ان کان پوءِ اسان ان ۾ روح ڦوڪيو، پوءِ بابرڪت آهي الله جيڪو تمام سهڻو خالق آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ اِنَّكُمْ بَعْدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتُوْنَ ۙ15
انهيءَ کان پوءِ بيشڪ توهان مرندڙ آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ اِنَّكُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ تُبْعَثُوْنَ 16
انهيءَ کان پوءِ بيشڪ توهان قيامت جي ڏينهن اُٿاريا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ خَلَقْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعَ طَرَاۗىِٕقَ ڰ وَمَا كُنَّا عَنِ الْـخَلْقِ غٰفِلِيْنَ 17
۽ بيشڪ اسان توهان جي مٿان سَتَ آسمان بنايا، اسان مخلوق کان بي خبر ناهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ فَاَسْكَنّٰهُ فِي الْاَرْضِ ڰ وَاِنَّا عَلٰي ذَهَابٍۢ بِهٖ لَقٰدِرُوْنَ ۚ18
۽ اسان آسمان مان اندازي سان مينهن نازل ڪيو پوءِ اسان ان پاڻي کي زمين ۾ رکرايو، ۽ بيشڪ اسان ان جي وٺي وڃڻ (سُڪائڻ) تي يقيناً قادر آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَنْشَاْنَا لَكُمْ بِهٖ جَنّٰتٍ مِّنْ نَّخِيْلٍ وَّاَعْنَابٍ ۘلَكُمْ فِيْهَا فَوَاكِهُ كَثِيْرَةٌ وَّمِنْهَا تَاْكُلُوْنَ ۙ19
پوءِ اسان ان پاڻيءَ مان توهان لاءِ کجور ۽ انگور جا باغ پيدا ڪيا، توهان لاءِ انهن باغن ۾ گھڻا ميوا آهن ۽ انهيءَ مان ڪي توهان کائو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَشَجَــرَةً تَخْــرُجُ مِنْ طُوْرِ سَيْنَاۗءَ تَنْۢبُتُ بِالدُّهْنِ وَصِبْغٍ لِّلْاٰكِلِيْنَ 20
۽ زيتون جو وڻ پيدا ڪيو، جيڪو طورسينا جبل ۾ (گھڻو ۽ بهترين) ٿئي ٿو جيڪو تيل سان ڦُٽي ٿو ۽ کائيندڙن لاءِ ڳُنڌڻ (ٻَوڙ) آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي