021 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1ۚ
ماڻهن (مشرڪن) جو حساب قريب آهي ۽ اهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2ۙ
نٿو اچي انهن وٽ ڪو حصو قرآن ڪريم جو مگر اهي ان کي ٻڌن ٿا ۽ اهي ان سان مذاق ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3
انهن جون دليون غافل آهن، ۽ ظالم ڳجھيون ڳالهيون ڪري چوڻ لڳا ته ناهي هيءُ (پيغمبر) مگر توهان جهڙو بشر، ڇا پوءِ توهان ڏسڻ جي باوجود جادو وٽ وڃو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4
توهان فرمايو منهنجو رب هر ڳالهه کي ڄاڻي ٿو جيڪا آسمان ۽ زمين ۾ آهي، ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5
ڪڏهن اهي چون ٿا ته (اهو قرآن) پريشان خواب آهن، ڪڏهن چون ٿا ته ان کي پاڻ ڪريمن ٺاهيو آهي، ڪڏهن چون ٿا ته اهو شاعر آهي، پوءِ ڀلي ته اهي ڪا نشاني آڻن جيئنڪِ پهريان پيغمبر (معجزن سان) موڪليا ويا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6
انهن کان اڳ وارن ڳوٺاڻن به (معجزا ڏسي) ايمان نه آندائون (پوءِ) اسان انهي کي هلاڪ ڪيو، ڇا پوءِ اهي ايمان آڻيندا (قطعاً نه)
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7
۽ توهان کان اڳ ۾ نه موڪليا اسان مگر مرد جن ڏانهن وحي موڪلي ويندي هئي پوءِ توهان اهلِ ڪتاب جي عالمن کان معلوم ڪريو جيڪڏهن توهان نٿا ڄاڻو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8
۽ انهن جو اسان اهو جسم نه بنايو جيڪي طعام نه کائن ۽ نه اسان انهن کي اهڙو بنايو جيڪي هميشه رهندڙ هجن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9
ان کان پوءِ اسان پنهنجو وعدو سچو ڪيو، پوءِ اسان انهن کي نجات ڏني ۽ انهن ماڻهن کي به نجات ڏني جن کي اسان چاهيو ۽ اسان اسراف ڪندڙن کي هلاڪ ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۧ10
تحقيق اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم نازل فرمايو جنهن ۾ توهان جو ذڪر آهي، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ 11
۽ اسان ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيا جيڪي ظالم هئا ۽ اسان انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۭ12
پوءِ انهن جڏهن اسان جو عذاب محسوس ڪيو ته ان وقت اهي (عذاب الاهي کان) ڀڄڻ لڳا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ 13
توهان نه ڀڄو ۽ توهان انهن نعمتن ڏانهن موٽي وڃو جيڪي توهان کي ڏنيون ويون ۽ پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي وڃو ته شايد توهان کان پڇيو وڃي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 14
انهن چيو هاءِ اسان کي افسوس آهي بيشڪ اسين ظالم هئاسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ 15
پوءِ اهي هميشه ايئن چوندا رهندا، ايستائين جو اسان انهن کي لوڻيل پوک (۽) باه وانگر اُجھائي ڇڏينداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ 16
۽ اسان آسمان ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي ڪجھه پيدا ڪيو آهي اهو لعب (بيڪار) ڪري پيدا نه ڪيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ 17
جيڪڏهن اسين راند روند چاهيون ها ته پنهنجي شان وٽان پاڻ ڪريون ها، جيڪڏهن اسين ايئن ڪرڻ چاهيون ها
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ 18
بلڪِ اسين حق کي باطل تي اڇلايون ٿا، پوءِ اهو ان جو ميڄالو ڪڍي ٿو، پوءِ ان وقت باطل تباه ٿيندڙ آهي، ۽ توهان لاءِ ويل آهي، جيڪو ڪجھه توهان الله ڏانهن منسوب ڪريو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ۚ19
۽ الله تعالى لاءِ اهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ ملائڪ مقرب الله تعالى جي عبادت کان تڪبر نٿا ڪن ۽ اهي نٿا ٿڪجن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ 20
رات ۽ ڏينهن الله تعالى جي تسبيح پڙهن ٿا (۽) اهي سستي نٿا ڪن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي