002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
الۗمّۗ 1ۚ
الۗمّۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪا به شڪ جي جاءِ ناهي، انهيءَ ۾ هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
اهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا غيب تي ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
اُهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا قرآن ڪريم تي ۽ انهن مقدس ڪتابن تي جيڪي اڳ ۾ نازل ڪيا ويا، ۽ آخرت تي اهي يقين رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي ماڻهو پنهنجي رب جي طرفان هدايت تي آهن. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو برابر آهي انهن لاءِ توهان انهن کي ڊيڄاريو يا نه ڊيڄاريو اهي ايمان نه آڻيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
الله تعالى انهن جي دلين تي ۽ ڪنن تي مُهر لڳائي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردا آهن. ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
۽ ڪي ماڻهو اهي آهن جيڪي چون ٿا ايمان آندو اسان الله تعالى تي ۽ قيامت تي ۽ اهي ايمان وارا نه آهن.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
اٽڪل ڪن ٿا الله تعالى ۽ مؤمنن سان ۽ نٿا اٽڪل ڪن حقيقت ۾ مگر پنهنجن نفسن سان ۽ نٿا سمجهن.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
انهن جي دلين ۾ مرض آهي، پوءِ الله تعالى انهن جي بيماري کي وڌايو ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب انهيءَ ڪري آهي جو اهي ڪوڙ ڳالهائن ٿا.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ جنهن وقت چيو وڃي ٿو انهن کي ته زمين ۾ فساد نه ڪريو چون ٿا اسين ته امن پسند آهيون.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
خبردار ! بيشڪ اِهي ئي فساد ڪندڙ آهن پر نٿا سمجهن.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جنهن وقت چيو وڃي ٿو انهن کي ته ايمان آڻيو توهان جيئنڪِ ايمان آندو مؤمنن چون ٿا ڇا ايمان آڻيون اسان جيئنڪ ايمان آندو بي سمجهن، خبردار ! بيشڪ اِهي اهي بي وقوف آهن پر نٿا ڄاڻن.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ جنهن وقت مؤمنن سان ملن ٿا چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلا ٿي پنهنجن ڪافرن ڏانهن وڃن ٿا، انهن کي چون ٿا اسين اوهان سان گڏ آهيون اسين ته فقط چَٿَر ڪندڙ آهيون.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
الله تعالى، مذاق جي جزا ڏئي ٿو انهن کي ۽ ڊيگهه ڏي ٿو انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ جو اهي حيران رهن ٿا.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي، پوءِ نه ڪامياب ٿيو واپار انهن جو ۽ نه ئي کين واپار ڪرڻ آيو.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
انهن جو مثال ان ماڻهو وانگر آهي جنهن باه کي ٻاريو، پوءِ جڏهن آس پاس روشني ٿي، الله تعالى انهيءَ روشني کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين جو ڪجهه نٿا ڏسن.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
(اهي) ٻوڙا گونگا انڌا آهن پوءِ اهي نه موٽندا.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا مِينهن جي مثال جيڪو آسمان مان وسي ٿو انهيءَ ۾ اونداهي ۽ گوڙ ۽ وڄ آهي، اهي پنهنجون آڱريون ڪڙڪن کان پنهنجي ڪنن ۾ وجهن ٿا، موت جي خوف کان، ۽ الله تعالى ڪافرن کي گرفت ڪندڙ آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
ويجهي ٿئي ٿي وڄ جو سندن نگاهن کي ختم ڪري، جڏهن ڪجهه روشني ٿئي ٿي ته انهيءَ ۾ پنڌ ڪن ٿا، ۽ جڏهن اونداهي ٿئي ٿي ته بيهن ٿا، ۽ جيڪڏهن الله تعالى گهري ته سندن ڪن ۽ اکيون ختم ڪري ڇڏي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي