019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
كۗهٰيٰعۗصۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
رسولِ عربي (هي) تنهنجي رب جي رحمت جو ذڪر آهي، (جيڪا رحمت) ان پنهنجي ٻانهي (حضرت) زڪريا تي ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جنهن وقت ان پنهنجي رب کي مخفي طور پڪاريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
(حضرت) زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ منهنجو بدن (وڏي عمر هئڻ ڪري) ضعيف ٿي چڪو آهي ۽ منهنجا وار سفيد ٿي چڪا آهن ۽ آئون ڪڏهن به تنهنجي دعا مان نااميد نه ٿيو آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش!
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو (بہ) وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار! ان کي صالح ڪر
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
اي زڪريا بيشڪ اسين توکي هڪ پٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا جنهن جو نالو يحييٰ آهي، ان کان اڳ اسان ڪنهن جو به اهڙو نالو نه رکيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو حالانڪ منهنجي گھر واري سنڍ آهي ۽ آئون نهايت عمر رسيده ٿي چڪو آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
الله تعالى فرمايو ڳالهه ايئن آهي. توهان جي رب فرمايو ايئن ڪرڻ منهنجي لاءِ آسان آهي ۽ تحقيق ان کان اڳ مون توکي پيدا ڪيو تڏهن ته تون ڪجھه به نه هئين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
(حضرت) زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي ڪا نشاني عطا ڪر. الله تعالى فرمايو تنهنجي لاءِ نشاني هيءَ آهي ته تون بنا ڪنهن سبب جي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ڳالهائي نه سگھندين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ مسجد مان ٻاهر نڪري پنهنجي قوم ڏانهن آيو پوءِ انهن کي اشارن سان چوڻ لڳو ته صبح ۽ شام تسبيح پڙهندا ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
اي يحييٰ تورات کي مضبوطيءَ سان وٺ، ۽ يحييٰ کي اسان ننڍپڻ ۾ نبوت
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ نرم دلي ۽ پاڪائي عطا ڪئي ۽ پاڻ پرهيزگار هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ پيءُ ماءُ سان سهڻو سلوڪ ڪندڙ هو ۽ پاڻ سخت ۽ نافرمان نه هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
الله تعالى جي طرفان سلام آهي يحييٰ جي ڄمڻ ۽ وصال واري ڏينهن تي ۽ ان ڏينهن جڏهن کيس اٿاريو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
رسولِ عربي توهان (بيبي) مريم جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو، جنهن وقت اها گھر وارن کان اڪيلي ٿي (عبادت لاءِ) هڪ جاءِ تي ويٺي جيڪا اوڀر طرف هئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ مريم پنهنجي گھر وارن کان گوشه نشيني اختيار ڪئي. پوءِ اسان مريم ڏانهن جبريل امين موڪليو، جيڪو (سندس اڳيان) هڪ مڪمل انسان ٿي ظاهر ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
مريم چيو آئون توکان الله تعالى جي پناه گھران ٿي جيڪڏهن تون خدا جو خوف رکين ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
جبريل چيو آئون ته فقط تنهنجي رب جو موڪليل (فرشتو) آهيان. ان لاءِ ته آئون توکي پاڪيزه پٽ عطا ڪريان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
ان (بيبي صاحبه) چيو ته مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو؟ حالانڪ مون کي ڪنهن انسان هٿ نه لاٿو ۽ نه آئون بدڪار آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي