018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن اهو الله جنهن پنهنجي حبيب ڪريم تي قرآن ڪريم نازل فرمايو ۽ ان ۾ ڪابه ٽيڙائي ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
قرآن بلڪل سڌو آهي ان لاءِ ته ماڻهن کي الله تعالى جي سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ مؤمنن کي بشارت ڏئي. ۽ جيڪي ماڻهو سهڻا عمل ڪن ٿا بيشڪ انهن لاءِ سهڻو اجر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
اهي انهي ثواب ۾ هميشه رهندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ رسولِ عربي انهن کي (قرآن سان) ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله تعالى اولاد رکيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
انهيءَ باري ۾ انهن کي ۽ انهن جي وڏن کي ڪوبه علم ناهي، اها تمام وڏي ڳالهه اهي جيڪا انهن جي واتن مان نڪري ٿي، اهي ته فقط ڪوڙ ڳالهائن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
پوءِ تحقيق توهان انهن جي ايمان نه آڻڻ جي ڪري گھڻي غم سببان پنهنجي وجود مبارڪ کي سخت پريشاني ۾ وجھو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
بيشڪ اسان زمين جي مٿان ماڻهن لاءِ خوبصورتي خلقي آهي، انهي لاءِ ته انهن ماڻهن جي آزمائش ڪجي ته انهن مان ڪهڙو سهڻا عمل ڪري ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ بيشڪ اسان زمين جي مٿان هر شيءِ کي ويران ڪندڙ آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
توهان کي معلوم هجڻ گھرجي ته بيشڪ اصحابِ ڪهف ۽ رقيم اسان جي عجيب نشانين مان هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جنهن وقت انهن نوجوانن ڪهف (غار) ۾ پناه ورتي، پوءِ انهن چيو ته اي اسان جي رب اسان کي تون پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر ۽ تون اسان لاءِ اسان جي ڪم ۾ درستي پيدا ڪر
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ اسان انهن کي ڪيترائي سال غار ۾ ننڊ ڪرائي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
ان کان پوءِ اسان انهن کي اٿاريو ان لاءِ ته اسين معلوم ڪريون ته انهن ٻنهي جماعتن مان ڪهڙي ٽڪڻ جو صحيح اندازو ڪري ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
اسين توهان تي انهن جو قصو حق سان بيان ڪريون ٿا، تحقيق اهي (ڪجھه) نوجوان هئا جن پنهنجي رب تي ايمان آندو ۽ اسان انهن جي يقين کي زياده ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ اسان انهن جي دلين کي مضبوط ڪيو جڏهن اهي اٿي بيٺا پوءِ انهن چيو ته اسان جو رب اهو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو رب آهي، اسين الله تعالى کانسواءِ ٻئي معبود جي عبادت نه ڪنداسين (اسان ايئن ڪيو ته) بيشڪ اسان ان وقت غلط ڳالهه ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
اها جيڪا اسان جي قوم آهي انهن الله کانسواءِ معبود بنايا آهن، اهي انهي ڳالهه لاءِ ڇو نٿا ڪو مستند دليل آڻن، پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو الله تعالى جي مٿان ڪوڙ هڻي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ جنهن وقت توهان انهن کان ۽ انهن جي معبودن کان پاسو ڪريو ته پوءِ توهان غار ۾ پناه وٺو، اتي توهان لاءِ توهان جو رب پنهنجي رحمت کي وسيع ڪندو ۽ توهان لاءِ توهان جي ڪم ۾ الله تعالى آساني پيدا ڪندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
رسولِ عربي توهان ڏسندا ته جڏهن سج انهن تي اُڀري ٿو ته انهن جي غار جي ساڄي پاسي کان لَڙي وڃي ٿو ۽ جڏهن سج انهن تي لَهي ٿو ته انهن جي کاٻي پاسي کان لَڙي وڃي ٿو ۽ اهي (اصحابِ ڪهف) غار جي کليل ميدان ۾ آهن، اهي الله تعالى جي نشانين مان آهن، جنهنکي الله هدايت ڏي ٿو پوءِ اهو هدايت وارو آهي، ۽ جنهنکي پاڻ گمراه ڪري ٿو پوءِ توهان هرگز ان لاءِ ڪو ولي مرشد نه لهندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ توهان (ڏسندڙ) ڀائيندا ته اهي جاڳيل آهن حالانڪ اهي ستل آهن، ۽ اسان انهن جا پاسا ساڄي ۽ کاٻي پاسي تبديل ڪريون ٿا، ۽ سندن ڪتو پنهنجا اڳيان ٻئي پير سامهون ڪري چائنٺ تي ويٺل آهي، جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو انهن کي ڏسي ته انهن کان ڀڄي پري ٿئي ۽ انهن کان سخت خوفزده ٿي وڃي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ اسان انهن کي اهڙي طرح اٿاريو ان لاءِ ته اهي هڪ ٻئي کان پاڻ ۾ سوال ڪن، انهن مان هڪڙي چوندڙ چيو ته توهان ڪيترو وقت ٽِڪِيا آهيو، ڪن چيو ته اسين هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجھه حصو (غار ۾) ٽڪيا آهيون، ڪن چيو ته توهان جي رب تعالى کي وڌيڪ ڄاڻ آهي جيڪو وقت توهان ٽڪيا آهيو، پوءِ توهان پاڻ مان هڪڙي کي ٿورڙي چاندي ڏيئي شهر ۾ موڪليو ته اهو ڏِسَي وَائِسَي ته اتي ڪهڙو سٺو طعام آهي پوءِ توهان لاءِ ان مان طعام وٺي اچي ۽ ان کي گھرجي ته سوچي سمجھي خريداري ڪري ۽ ڪنهن کي به توهان جو اطلاع نه ڏي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
بيشڪ اهي جيڪڏهن توهان تي غالب ٿي پيا ته اهي توهان تي پٿراءُ ڪندا يا توهان کي پنهنجي دين تي واپس آڻيندا ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته توهان ڪڏهن به نجات وارا نه ٿيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي