017 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
سُـبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِيْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِيَهٗ مِنْ اٰيٰتِنَا ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 1
مقدس آهي اهو الله جنهن پنهنجي حبيب ڪريم کي رات جي ٿُورڙي حصي ۾ بيت الله شريف کان بيت المقدس تائين (سجاڳيءَ ۾ جسماني) معراج ڪرايو، بيت المقدس جي آس پاس برڪتون آهن، معراج ان لاءِ ڪرايو ته اسين پنهنجي حبيب کي پنهنجون قدرتون ڏيکاريون، بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاٰتَيْنَا مُوْسَي الْكِتٰبَ وَجَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِيْ وَكِيْلًا 2ۭ
۽ اسان موسيٰ کي تورات عطا ڪيو ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت بنايو، جو توهان مون کانسواءِ ڪنهن کي به معبود نه بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذُرِّيَّــةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ ۭ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا 3
توهان اولاد آهيو انهن ماڻهن جا جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪرايو بيشڪ اهو شڪرگذار ٻانهو هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا 4
۽ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب ۾ وحي موڪلي ته توهان زمين ۾ ضرور ٻه دفعا فساد ڪندا ۽ توهان ضرور گھڻي تڪبر ڪندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ اُوْلٰىهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ فَجَاسُوْا خِلٰلَ الدِّيَارِ ۭ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُوْلًا 5
پوءِ جڏهن انهن تي پهريون وعدو آيو ته اسان توهان تي پنهنجا ٻانها موڪليا جيڪي وڏا طاقتور هئا، پوءِ انهن توهان جي شهرن جي تلاشي ورتي، ۽ اهو ايئن وعدي موجب ٿيڻو هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَاَمْدَدْنٰكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِيْرًا 6
ان کان پوءِ انهن تي توهان ٻِئي دفعي حملو ڪيو ۽ اسان توهان کي مالن ۽ پُٽن سان مضبوط بنايو ۽ توهان جي جماعت کي زياده ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنْ اَحْسَنْتُمْ اَحْسَنْتُمْ لِاَنْفُسِكُمْ ۣ وَاِنْ اَسَاْتُمْ فَلَهَا ۭ فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ الْاٰخِرَةِ لِيَسُوْۗءٗا وُجُوْهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ كَـمَا دَخَلُوْهُ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّلِــيُتَبِّرُوْا مَا عَلَوْا تَتْبِيْرًا 7
جيڪڏهن توهان نيڪي ڪريو ٿا ته اها توهان پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان برائي ڪريو ٿا ته اها پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا، پوءِ جڏهن پويون وعدو آيو ته انهن توهان جا چهرا خراب ڪيا، ۽ اهي بيت المقدس ۾ داخل ٿيا جيئنڪ اهي پهرين دفعي داخل ٿيا ۽ جيڪا شيءِ انهن کي هٿ آئي ان کي تباه ڪيائون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَسٰي رَبُّكُمْ اَنْ يَّرْحَمَكُمْ ۚ وَاِنْ عُدْتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِيْنَ حَصِيْرًا 8
عنقريب توهان تي توهان جو رب رحم ڪندو، ۽ جيڪڏهن توهان فساد ڪندا ته اسان عذاب ڪنداسين، ۽ اسان جهنم کي ڪافرن لاءِ قيد بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ يَهْدِيْ لِلَّتِيْ ھِيَ اَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا كَبِيْرًا 9ۙ
بيشڪ هي قرآن ڪريم اها راه ڏيکاري ٿو جيڪا راه راست آهي ۽ خوشخبري ڏي ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي نيڪي ڪن ٿا، بيشڪ انهن لاءِ تمام وڏو اجر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّاَنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ10
۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻن اسان انهن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَاۗءَهٗ بِالْخَيْرِ ۭ وَكَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا 11
۽ انسان (ڪاوڙ ۾ پنهنجي لاءِ) ايئن بد دعا گھري ٿو جيئن خير جي دعا گھري ٿو، ۽ انسان تمام گھڻي تڪڙ ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَعَلْنَا الَّيْلَ وَالنَّهَارَ اٰيَـتَيْنِ فَمَــحَوْنَآ اٰيَةَ الَّيْلِ وَجَعَلْنَآ اٰيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنٰهُ تَفْصِيْلًا 12
۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون ڪري پيدا فرمايو پوءِ رات کي اسان اونداهي وارو بنايو ۽ ڏينهن کي اسان روشن بنايو، ان لاءِ ته توهان پنهنجي رب کان پنهنجو ذريعه معاش طلب ڪريو ۽ ان لاءِ ته توهان سالن جو تعداد ۽ حساب معلوم ڪريو، ۽ (توهان لاءِ) اسان هر شيءِ تفصيل سان بيان ڪئي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا 13
۽ هر انسان جي تقدير اسان ان جي گلي ۾ وجھرائي آهي ۽ اسين ان لاءِ قيامت جي ڏينهن هڪ کليل ڪتاب ظاهر ڪنداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا ۭ14
تون پنهنجو عملنامون پڙهه، اڄ تنهنجي لاءِ تنهنجو نفس ئي بهترين حساب وٺندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَنِ اهْتَدٰى فَاِنَّـمَا يَهْــتَدِيْ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِيْنَ حَتّٰى نَبْعَثَ رَسُوْلًا 15
جيڪو ماڻهو هدايت وارو ٿيو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ هدايت وارو ٿيو، ۽ جيڪو گمراه ٿيو پوءِ اها گمراهي سندس سِر تي آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو ڪنهن جو بار نه کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب نه ڪندا آهيون جيستائين جو اسين پيغمبر نه موڪليون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَآ اَرَدْنَآ اَنْ نُّهْلِكَ قَرْيَةً اَمَرْنَا مُتْرَفِيْهَا فَفَسَقُوْا فِيْهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنٰهَا تَدْمِيْرًا 16
۽ اسين جڏهن ڪنهن ڳوٺ وارن جي هلاڪت جو ارادو ڪندا آهيون ته اسين ماڻهن تي حڪم موڪليندا آهيون پوءِ اهي ان ڳوٺ ۾ نافرماني ڪندا پوءِ انهن تي اسان جو قول ثابت ٿيندو، پوءِ اسين انهي کي مڪمل طرح تباه ڪندا آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍ ۭ وَكَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِيْرًۢ ا بَصِيْرًا 17
۽ ڪيترائي ڳوٺ (حضرت) نوح کان پوءِ اسان هلاڪ ڪيا، ۽ توهان جو رب پنهنجي ٻانهن جي گناهن کان چڱي طرح خبردار (۽) ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّــلْنَا لَهٗ فِيْهَا مَا نَشَاۗءُ لِمَنْ نُّرِيْدُ ثُـمَّ جَعَلْنَا لَهٗ جَهَنَّمَ ۚ يَصْلٰىهَا مَذْمُوْمًا مَّدْحُوْرًا 18
جيڪو ماڻهو (فقط) دنيا طلب ڪندو آهي اسين فوري طرح ان کي جيڪو اسين چاهيون دنيا مان عطا ڪندا آهيون، ان کان پوءِ اسان ان لاءِ جهنم کي مقرر ڪريون ٿا، اهو ان ۾ داخل ٿيندو ڦٽڪار ۽ ذلالت جي حالت ۾
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَسَعٰى لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰۗىِٕكَ كَانَ سَعْيُهُمْ مَّشْكُوْرًا 19
۽ جيڪو ماڻهو آخرت چاهي ٿو ۽ آخرت لاءِ گھڻي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ سندس اها ڪوشش ڪامياب ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكُلًّا نُّمِدُّ هٰٓؤُلَاۗءِ وَهٰٓؤُلَاۗءِ مِنْ عَطَاۗءِ رَبِّكَ ۭ وَمَا كَانَ عَطَاۗءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا 20
اسين سڀني جي (يعنى) هِنن ۽ هُنن جي پنهنجي عطا موجب مدد ڪريون ٿا، ۽ توهان تي رب جي عطا ڪا، روڪيل ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي