016 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 128 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اَتٰٓى اَمْرُ اللّٰهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوْهُ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 1
الله تعالى جو عذاب ايندو پوءِ توهان ان ۾ تڪڙ نه ڪريو، الله تعالى توهان جي شرڪ ڪرڻ کان پاڪ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖٓ اَنْ اَنْذِرُوْٓا اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاتَّقُوْنِ 2
الله تعالى پنهنجي حڪم سان پنهنجي ٻانهن تي ملائڪن جي معرفت وحي موڪلي ٿو. ان لاءِ ته (ماڻهن کي اهي) ڊيڄارين ته بيشڪ الله هڪ آهي پوءِ توهان مون کان ڊڄو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ تَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 3
الله تعالى آسمانن ۽ زمينن کي حق سان پيدا ڪيو، الله تعالى انهن جي شرڪ کان پاڪ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ فَاِذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبِيْنٌ 4
الله تعالى انسان کي هڪ قطري مان پيدا ڪيو پوءِ ان وقت اهو ئي (سندس) صاف دشمن آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْاَنْعَامَ خَلَقَهَا ۚ لَكُمْ فِيْهَا دِفْءٌ وَّمَنَافِعُ وَمِنْهَا تَاْكُلُوْنَ 5۠
۽ الله تعالى چؤپاين کي پيدا ڪيو، توهان انهن مان گرم ڪپڙا ۽ ڪيترائي نفعا حاصل ڪريو ٿا ۽ انهن مان ڪي چؤپايا توهان کائو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَكُمْ فِيْهَا جَمَالٌ حِيْنَ تُرِيْحُوْنَ وَحِيْنَ تَسْرَحُوْنَ 6۠
۽ جڏهن اهي چؤپايا شام جو موٽن ٿا ۽ صبح جو چرڻ لاءِ وڃن ٿا توهان کي (ڏاڍا ) وڻن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَتَحْمِلُ اَثْقَالَكُمْ اِلٰى بَلَدٍ لَّمْ تَكُوْنُوْا بٰلِغِيْهِ اِلَّا بِشِقِّ الْاَنْفُسِ ۭ اِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ 7ۙ
۽ (اهي) چؤپايا توهان جا ڳرا بار شهر تائين کڻن ٿا جيڪي توهان پهچائي نٿا سگھو مگر سخت تڪليف سان، بيشڪ توهان جو رب يقيناً رؤف رحيم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّالْخَيْلَ وَالْبِغَالَ وَالْحَمِيْرَ لِتَرْكَبُوْهَا وَزِيْنَةً ۭ وَيَـخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ 8
۽ الله تعالى، گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏهه توهان جي سواري ۽ زينت لاءِ پيدا ڪيا، ۽ الله تعالى اهڙيون شيون پيدا ڪندو جن جو توهان کي (اڃان تائين) علم ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَعَلَي اللّٰهِ قَصْدُ السَّبِيْلِ وَمِنْهَا جَاۗىِٕرٌ ۭ وَلَوْ شَاۗءَ لَهَدٰىكُمْ اَجْمَعِيْنَ 9ۧ
۽ راه راست الله تعالى تائين پهتل آهي ۽ ڪي رستا ٽيڙا به آهن، ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ته توهان سڀني کي راه راست تي هلائي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لَّكُمْ مِّنْهُ شَرَابٌ وَّمِنْهُ شَجَـرٌ فِيْهِ تُسِيْمُوْنَ 10
الله تعالى اهو آهي جنهن توهان لاءِ آسمان مان مينهن نازل فرمايو انهيءَ مان توهان پاڻي پيئو ٿا ۽ انهي مان وڻ ٽڻ پيدا ٿين ٿا جنهن مان توهان (پنهنجي جانورن کي) چاريو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُنْۢبِتُ لَكُمْ بِهِ الزَّرْعَ وَالزَّيْتُوْنَ وَالنَّخِيْلَ وَالْاَعْنَابَ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 11
انهي پاڻي مان توهان لاءِ (الله تعالى ) پوکون اُپائي ٿو ۽ زيتون ۽ کجور ۽ انگور ۽ هر قسم جا ميوا (پيدا فرمائي ٿو)، بيشڪ اِنهي ۾ اُنهي قوم لاءِ نشاني آهي جيڪي فڪر ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَسَـخَّرَ لَكُمُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۙ وَالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ وَالنُّجُوْمُ مُسَخَّرٰتٌۢ بِاَمْرِهٖ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ ۙ12
۽ الله تعالى توهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ مسخر (تابعدار) بنايا، ۽ تارا جيڪي الله جي حڪم جا پابند آهن، بيشڪ اِنهي ۾ اُنهي قوم لاءِ نشاني آهي جيڪي عقل رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا ذَرَاَ لَكُمْ فِي الْاَرْضِ مُخْتَلِفًا اَلْوَانُهٗ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّقَوْمٍ يَّذَّكَّرُوْنَ 13
۽ اهي شيون جيڪي الله تعالى توهان لاءِ زمين مان پيدا ڪيون جن جا مختلف رنگ آهن، بيشڪ اِنهي ۾ اُنهي قوم لاءِ نشاني آهي جيڪي نصيحت حاصل ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَهُوَ الَّذِيْ سَخَّرَ الْبَحْرَ لِتَاْكُلُوْا مِنْهُ لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْا مِنْهُ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا ۚ وَتَرَى الْفُلْكَ مَوَاخِرَ فِيْهِ وَلِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 14
۽ الله تعالى اهو آهي جنهن توهان لاءِ درياءُ مسخر بنايو، انهي لاءِ جو توهان انهي مان مڇي کائو ۽ انهي مان توهان زيور (موتي وغيره) ڪڍو ٿا جيڪي توهان زيور ڪري پايو ٿا، ۽ توهان ڏسو ته ٻيڙيون پاڻيءَ کي چيري هلن ٿيون ان لاءِ ته توهان انهي مان الله جو فضل حاصل ڪريو ۽ من توهان شڪرگذار ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَمِيْدَ بِكُمْ وَاَنْهٰرًا وَّسُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۙ15
۽ الله تعالى زمين تي مضبوط جبل کوڙيا ته متان زمين توهان کي لوڏي ۽ الله تعالى نهرون ۽ رستا پيدا ڪيا ان لاءِ ته توهان صحيح رستي تي هلو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَعَلٰمٰتٍ ۭ وَبِالنَّجْمِ هُمْ يَهْتَدُوْنَ 16
۽ توهان لاءِ نشانيون پيدا ڪيون ۽ تارن سان اهي رستا لهن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَـمَنْ يَّخْلُقُ كَمَنْ لَّا يَـخْلُقُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 17
ڇا پوءِ پيدا ڪندڙ ۽ نه پيدا ڪندڙ پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا، ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ لَا تُحْصُوْهَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 18
۽ جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻيندا ته ڳڻي ڪين سگھندا، بيشڪ الله تعالى يقيناً غفور رحيم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَمَا تُعْلِنُوْنَ 19
۽ الله تعالى توهان جي باطن ۽ ظاهر کي ڄاڻي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَـخْلُقُوْنَ شَيْـــًٔـا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ ۭ20
۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى کانسواءِ (بتن) جي عبادت ڪن ٿا، اهي (بت) ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪري نٿا سگھن پر اهي پاڻ پيدا ڪيل آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي