013 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 43 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
الۗمّۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ ۭ وَالَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 1
المرا . هي قرآن ڪريم جون آيتون آهن، ۽ جيڪو توهان ڏانهن رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي، سو (سَڀئي) حق آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو ايمان نٿا آڻن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَللّٰهُ الَّذِيْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَاۗءِ رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ 2
الله تعالى اهو (خالق) آهي جنهن ٿنڀن کان بغير آسمانن کي بلند ڪيو جنهنکي توهان ڏسو پيا، ان کانپوءِ عرشِ عظيم تي رونق افروز ٿيو (جيئنڪ سندس شان وٽان آهي) ۽ سج ۽ چنڊ کي مسخر (تابعدار) ڪيو هر هڪ پنهنجي مقرر وقت تائين هلي رهيا آهن، اهوئي هر امر جي تدبير فرمائي ٿو (۽ پنهنجيون) نشانيون واضح ڪري ٿو ان لاءِ ته توهان کي قيامت جو يقين ٿئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا ۭ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِيْهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ يُغْشِي الَّيْلَ النَّهَارَ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 3
۽ اهوئي الله آهي جنهن زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ مضبوط جبل ۽ نهرون پيدا ڪيون، ۽ سڀني ميوَن مان ٻه ٻه قِسم پيدا ڪيا، (۽) رات سان ڏينهن کي لڪائي ٿو، بيشڪ انهي ۾ انهيءَ قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي سوچ رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَفِي الْاَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجٰوِرٰتٌ وَّجَنّٰتٌ مِّنْ اَعْنَابٍ وَّزَرْعٌ وَّنَخِيْلٌ صِنْوَانٌ وَّغَيْرُ صِنْوَانٍ يُّسْقٰى بِـمَاۗءٍ وَّاحِدٍ ۣ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلٰي بَعْضٍ فِي الْاُكُلِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 4
۽ زمين ۾ مختلف ٽُڪرا (ڀَلا ۽ ڍِلا) آهن جيڪي هڪ ٻئي کي قريب آهن ۽ انگورن جا باغ آهن ۽ زراعت آهي ۽ کجون آهن جن مان ڪِن کجين ۾ گھڻا گوها ٿين ٿا ۽ ڪِن ۾ فقط هڪ گوهو ٿئي ٿو، سڀني کي هڪڙو ئي پاڻي ڏنو وڃي ٿو ۽ اسان ذائقي ۾ ڪن (ميون) کي ڪن کان ڀلو ڪيو آهي، بيشڪ انهيءَ ۾ انهيءَ قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ ءَاِذَا كُنَّا تُرٰبًا ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ الْاَغْلٰلُ فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۚ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 5
۽ جيڪڏهن تون ((اي ٻڌندڙ) انهيءَ تي) عجب ڪرين ٿو ته پوءِ عجيب ڳالهه انهن جي هي آهي ته ڇا جڏهن اسين مِٽي ٿينداسين تو پوءِ دوباره اسين پيدا ٿينداسين. اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو، ۽ اِهي اُهي آهن جن جي ڪنڌن ۾ طوق هوندا، ۽ اهي دوزخي آهن، ۽ اهي دوزخ ۾ هميشه هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمُ الْمَثُلٰتُ ۭ وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِهِمْ ۚ وَاِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيْدُ الْعِقَابِ 6
۽ اهي (مڪه جا ڪافر) نيڪي کان اڳي عذاب طلب ڪن ٿا ۽ تحقيق انهن کان اڳ (عذاب اچڻ جا) مثال گذري چُڪا آهن، ۽ بيشڪ توهان جو رب ماڻهن کي ظلم جي باوجود به مهلت ڏئي ٿو، ۽ بيشڪ توهان جو رب سخت عذاب ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ مُنْذِرٌ وَّلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ 7ۧ
۽ ڪافر چون ٿا ته انهن جي مٿان رب جي طرفان ڇو نٿي ڪا آيت نازل ٿئي، توهان ته ڊيڄارندڙ آهيو ۽ هر قوم لاءِ هادي (پيغمبر) آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ اُنْثٰى وَمَا تَغِيْضُ الْاَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۭ وَكُلُّ شَيْءٍ عِنْدَهٗ بِمِقْدَارٍ 8
الله تعالى کي معلوم آهي جيڪو هر مؤنث جي پيٽ ۾ آهي ۽ جيڪو پيٽ ۾ گَھٽجي ٿو ۽ جيڪو زياده ٿئي ٿو ۽ هر شيءِ الله وٽ اندازي سان آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ 9
غيب ۽ حاضر جو علم رکندڙ وڏي شان وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديسَوَاۗءٌ مِّنْكُمْ مَّنْ اَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَنْ جَهَرَ بِهٖ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍۢ بِالَّيْلِ وَسَارِبٌۢ بِالنَّهَارِ 10
برابر آهي توهان مان جيڪو آهستي ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو وڏي سڏ ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو رات جو لڪائي ڪم ڪري ٿو ۽ جيڪو ڏينهن جو هلي ٿو (مطلب ته الله کي سڀ معلوم آهي)
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَهٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنْۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهٖ يَحْفَظُوْنَهٗ مِنْ اَمْرِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ وَاِذَآ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْۗءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗ ۚ وَمَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ 11
انسان لاءِ فرشتا مقرر ٿيل آهن جيڪي ان جي اڳيان ۽ پويان الله جي حڪم سان سندس حفاظت ڪن ٿا، بيشڪ الله تعالى ڪنهن قوم جي حالت تبديل نٿو ڪري ايستائين جو اُهي پاڻ پنهنجي حالت تبديل نٿا ڪن، ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم تي عذاب جو ارادو ڪندو آهي ته پوءِ ان کي ڪوبه دفع نه ڪري سگھندو آهي ۽ انهن لاءِ الله کانسوءِ ڪوبه مددگار ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَّطَمَعًا وَّيُنْشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ۚ12
الله اُهو آهي جيڪو توهان کي وِڄُ، خوف ۽ طمع سان ڏيکاري ٿو ۽ ڳَرَن ڳَرَن ڪڪرن کي هلائي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيْبُ بِهَا مَنْ يَّشَاۗءُ وَهُمْ يُجَادِلُوْنَ فِي اللّٰهِ ۚ وَهُوَ شَدِيْدُ الْمِحَالِ ۭ13
۽ وڄ الله جي تسبيح ۽ تحميد پڙهي ٿي ۽ ملائڪ به الله جي خوف کان تسبيح پڙهن ٿا، ۽ الله تعالى وڄ موڪلي ٿو پوءِ جنهن تي چاهي وڄ ڪيرائي ٿو ۽ اهي (ڪافر) الله ۾ اختلاف ڪن ٿا، ۽ الله سخت گرفت ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَهٗ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَسْتَجِيْبُوْنَ لَهُمْ بِشَيْءٍ اِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ اِلَى الْمَاۗءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهٖ ۭ وَمَا دُعَاۗءُ الْكٰفِرِيْنَ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ 14
الله جي عبادت حق آهي، جيڪي ماڻهو الله کانسواءِ بتن جي عبادت ڪن ٿا (اهي بت) انهن ڪافرن کي ڪوبه جواب نٿا ڏين، ان جو مثال هي آهي ته (ڏول ۽ رسي کانسواءِ ڪو ماڻهو کوه تي بيهَي، بيهِي) هٿن سان پاڻي طلب ڪري ٿو ته پاڻي سندس وات ۾ پهچي ۽ اهو پاڻي سندس وات ۾ پهچي نٿو سگھي، ۽ ناهي پوڄا ڪافرن جي مگر گمراهي ۾
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلِلّٰهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا وَّظِلٰلُهُمْ بِالْغُدُوِّ وَالْاٰصَالِ 15۞
۽ الله تعالى کي اهي شيون سجدو ڪن ٿيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن خوشي سان ۽ ناخوشي سان ۽ انهن جا سايا به (سجدو ڪن ٿا) صبح ۽ شام
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلِ اللّٰهُ ۭ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ لَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ڏ اَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمٰتُ وَالنُّوْرُ ڬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَاۗءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۭ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَّهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 16
رسولِ عربي توهان پنهنجي قوم کان پڇو ته آسمانن ۽ زمينن جو رب ڪير آهي ؟ (جواب ۾) توهان فرمايو ته اهو الله آهي. رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا پوءِ توهان الله کانسوءِ (بتن کي) مددگار وٺو ٿا جيڪي پنهنجي وجود کي نفعو نقصان نٿا پهچائي سگھن. رسولِ عربي توهان فرمايو ته ڇا، نابين ۽ ڏسندڙ پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا، ڇا اونداهي ۽ روشني برابر ٿي سگھي ٿي، ڇا انهن (ڪافرن) الله سان شريڪ بنايا آهن، ڇا انهن (ڪا شيءِ) ٺاهي آهي الله جي تخليق جهڙي پوءِ انهن کي انهن جي تخليق ۽ الله جي تخليق هڪ جهڙي معلوم ٿي آهي، توهان فرمايو الله هر شيءِ جو خالق آهي ۽ اهوئي واحدالقهار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَسَالَتْ اَوْدِيَةٌۢ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۭ وَمِـمَّا يُوْقِدُوْنَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاۗءَ حِلْيَةٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهٗ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْـحَقَّ وَالْبَاطِلَ ڛ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاۗءً ۚ وَاَمَّا مَا يَنْفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْاَرْضِ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ ۭ17
الله تعالى مينهن کي آسمان مان نازل فرمايو پوءِ پنهنجي اندازي سان وادين ۾ پاڻي وهايو، پوءِ پاڻي جي مٿان اُڀريل گَجي ظاهر ٿي، ۽ جنهن مان باه ٻارين ٿا سُونَ کي اجارڻ لاءِ يا ٻين سامانن کي تيار ڪرڻ لاءِ به ان جهڙي گَجي ظاهر ٿئي ٿي، اهڙي طرح الله تعالى حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو، پر پوءِ گَجي پوءِ اها سُڪي پري ٿئي ٿي، ۽ پر اُها شيءِ جيڪا ماڻهن کي نفعو ڏئي ٿي پوءِ اُها باقي رهي ٿي زمين ۾، اهڙي طرح الله تعالى مثال انهن ماڻهن لاءِ بيان فرمائي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِلَّذِيْنَ اسْتَجَابُوْا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنٰى ڼ وَالَّذِيْنَ لَمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَهٗ لَوْ اَنَّ لَهُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا وَّمِثْلَهٗ مَعَهٗ لَافْتَدَوْا بِهٖ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْـحِسَابِ ڏ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ۧ18
جيڪي پنهنجي رب جو حڪم تسليم ڪن ٿا انهن لاءِ بهشت آهي، ۽ جيڪي ماڻهو الله جو حڪم تسليم نٿا ڪن، جيڪڏهن تحقيق اهي فديو ڏين ها زمين ۾ سمورين شين جيترو ۽ ايتريون ٻيون شيون (تڏهن به عذاب کان بچي نٿا سگھن) انهن لاءِ سخت حساب آهي، ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ جهنم تمام خراب بيٺڪ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَـمَنْ يَّعْلَمُ اَنَّـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ كَمَنْ هُوَ اَعْمٰى ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ ۙ19
ڇا پوءِ اهو ماڻهو جيڪو ڄاڻي ٿو ته قرآن ڪريم توهان جي رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي، ڇا پوءِ اهو ماڻهو ان جهڙو آهي جيڪو نابين هجي. نصيحت ته فقط عقلمند حاصل ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ يُوْفُوْنَ بِعَهْدِ اللّٰهِ وَلَا يَنْقُضُوْنَ الْمِيْثَاقَ ۙ20
جيڪي ماڻهو الله جي وعدي کي پورو ڪن ٿا ۽ اهي سچي وعدي کي نٿا ٽوڙين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي