012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الٓرٰ ۔ هيءُ قرآن ڪريم جون صاف آيتون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي عربيءَ ۾ نازل فرمايو ان لاءِ ته توهان سمجھي سگھو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
اسين توهان جي مٿان تمام سهڻو قصو بيان ڪريون ٿا، انهي سببان جو اسان توهان ڏانهن هن قرآن ڪريم کي وحي ڪيو آهي، ۽ هن کان اڳ توهان انهي کان بي خبر هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
(يعنى) جنهن وقت يوسف پنهنجي پيءُ (يعقوب) کي چيو ته اي منهنجا بابا بيشڪ آئون خواب ڏسان ٿو ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ، ڏسان پيو ته اهي سمورا مون کي سجدو ڪري رهيا آهن.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
يعقوب چيو اي منهنجا پٽ (يوسف) تون اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌاءِ پوءِ اهي تنهنجي لاءِ ڪا رِٿ رِٿيندا، بيشڪ شيطان انسان لاءِ صاف دشمن آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ اهڙي طرح توهان کي توهان جي رب انتخاب فرمايو ۽ توهان کي خواب جي تعبير جو علم عطا ڪيو ۽ توهان تي پنهنجيون نعمتون پوريون ڪيون ۽ يعقوب جي اولاد تي، جيئنڪ هن کان اڳ توهان جي ڏاڏي، پڙ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق تي نعمتون ڪيون، بيشڪ توهان جو رب ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
بيشڪ (حضرت) يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ سوال ڪندڙن لاءِ نشانيون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
جڏهن انهن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ پيارا آهن، حلانڪ اسين گھڻا آهيون، بيشڪ اسان جو والد گھڻي محبت ۾ گرفتار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
توهان (سڀئي گڏجي) يوسف کي قتل ڪريو يا اهڙي زمين ۾ يوسف کي اُڇلايو جو توهان جي والد جو توجه توهان ڏانهن ٿي پوي ۽ توهان انهي کان پوءِ الله کان پنهنجي گناه جي معافي وٺي ڇڏجو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
انهن مان هڪڙي چيو ته توهان يوسف کي قتل نه ڪريو بلڪ ان کي ڪنهن اونداهي کوه ۾ اڇلايو ته ڪو مسافر ان کي کڻي وڃي جيڪڏهن توهان ايئن ڪرڻ چاهيو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
ڀائرن چيو اي اسان جا والد تون يوسف جي باري ۾ اسان تي ڇو نٿو ڀروسو ڪرين، ۽ بيشڪ اسين سندس خيرخواه آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
سڀاڻي ان کي اسان سان ڇڏ ته ميوا کائي ۽ راند ڪري ۽ بيشڪ اسين سندس محافظ آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
يعقوب چيو توهان ان کي وٺي ويندا ته مون کي (سندس جدائيءَ جي ڪري) دلي ڏک پهچندو ۽ مون کي انديشو آهي ته متان ان کي بگھڙ کائي وڃي ۽ توهان ان کان بي خبر هجو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
انهن چيو ته اسان گھڻا آهيون اُن هوندي به جيڪڏهن يوسف کي بگھڙ کاڌو ته اسين بيشڪ ان وقت نقصان وارا آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن ڀائر يوسف کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ يوسف کي اونداهي واري کوهه ۾ وجھڻ جو پڪو ارادو ڪيائون، ۽ اسان (فوراً) يوسف ڏانهن وحي موڪلي ته (اهو وقت ايندو جو) تون انهن کي سندن انهي ڪم کان واقف ڪندين ۽ اهي نه ڄاڻندا هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ رات جي وقت اِهي پنهنجي پيءُ وٽ روئيندي آيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
انهن چيو اي بابا اسان جا، بيشڪ اسين ڊوڙي اڳتي نڪري وياسين ۽ يوسف کي اسان پنهنجي سامان وٽ ڇڏي وياسين پوءِ اُن کي بگھڙ کائي ويو، ۽ توهان ڪڏهن به اسان تي يقين نه ڪندا جيتوڻيڪ اسين سچا هجون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت هڻي آيا، يعقوب فرمايو توهان اهو ڪم پنهنجي طرفان ڪيو آهي، پوءِ (مون لاءِ) صبر بهتر آهي ۽ الله (منهنجو) مددگار آهي انهي بابت جيڪو توهان چئو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ هڪ قافلو آيو پوءِ انهن پاڻي ڀرڻ وارو موڪليو پوءِ ان پنهنجو دِلو (کوهه ۾) وڌو، ان (خوشي مان) چيو واه واه هيءُ ته (خوبصورت) ڇوڪرو آهي، ۽ انهن (حضرت) يوسف کي تجارتي مال طور لڪائي رکيو، ۽ الله تعالى انهن جي عملن کي ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ انهن يوسف کي چند کوٽن درهمن جي عيوض وڪڻي ڇڏيو، انهن کي انهيءَ ۾ ڪا دلچسپي نه هئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي