113 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
113:1
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ 1ۙ
رسولِ عربي توهان فرمايو، آئون ان رب کان پناه وٺان ٿو جيڪو صبح کي پيدا ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي
113:2
مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ 2ۙ
آئون ان شر کان پناه وٺان ٿو جيڪو ان پيدا ڪيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي
113:3
وَمِنْ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَ 3ۙ
۽ ان چنڊ جي شر کان جنهن وقت اهو بي نور ٿئي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي
113:4
وَمِنْ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِي الْعُقَدِ 4ۙ
۽ آئون انهن عورتن جي شر کان پناه وٺان ٿو جيڪي ڳنڍن ۾ ڦوڪون ڏين ٿيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي
113:5
وَمِنْ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ 5ۧ
۽ آئون پناه وٺان ٿو حسد ڪندڙ جي ان شر کان جڏهن اهو حسد ڪري ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي