101 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اَلْقَارِعَةُ 1ۙ
قارعت !
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا الْقَارِعَةُ 2ۚ
قارعت ڇا آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْقَارِعَةُ 3ۭ
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قارعت ڇا آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ يَكُوْنُ النَّاسُ كَالْفَرَاشِ الْمَبْثُوْثِ 4ۙ
ان ڏينهن (قيامت جي ڏينهن) ماڻهو منتشر پتنگن وانگر هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ الْمَنْفُوْشِ 5ۭ
۽ ان ڏينهن جبل پڃيل اُنَّ وانگر هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَمَّا مَنْ ثَــقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ 6ۙ
پوءِ جنهن ماڻهو جون نيڪيون ڳريون هونديون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَهُوَ فِيْ عِيْشَةٍ رَّاضِيَةٍ 7ۭ
پوءِ اهو جنت ۾ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ 8ۙ
۽ پر جنهن ماڻهو جون نيڪيون هلڪيون هونديون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاُمُّهٗ هَاوِيَةٌ 9ۭ
پوءِ ان جي رهڻ جي جاء هاويه آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا هِيَهْ ۭ10
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته اها ڇا آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھندينَارٌ حَامِيَةٌ ۧ11
اها هڪ ٻرندڙ باه آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي