100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
قسم آهي (مجاهدن جي) انهن گھوڙن جو جيڪي هانڀارو هڻن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جو جيڪي سُنب هڻي پٿرن مان چڻگون ڪڍن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
پوءِ قسم انهن گھوڙن جو جيڪي صبح جي وقت دشمنن تي حملو ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جو جيڪي غبار اُڏائن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جي جيڪي (دشمنن جي) صفن ۾ اندر وڃن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
بيشڪ انسان (ڪافر) پنهنجي خالق جو يقيناً ناشڪر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
۽ بيشڪ اهو (پنهنجي) ان ڳالهه تي (پاڻ) گواه آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
۽ بيشڪ اهو مال جي محبت ۾ يقيناً شديد آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
ڇا پوءِ اهو نٿو ڄاڻي جنهن وقت مُئلن کي زندهه ڪري اُٿاريو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
۽ اهي راز کوليا ويندا جيڪي سينن ۾ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
بيشڪ انهن جو رب ان ڏينهن انهن جي احوال کان يقيناً خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي