099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا 1ۙ
جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا 2ۙ
۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَقَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَا 3ۚ
۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽييَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا 4ۙ
اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.
— علامہ تاج محمود امروٽيبِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا 5ۭ
ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.
— علامہ تاج محمود امروٽييَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا اَعْـمَالَهُمْ 6ۭ
اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَـمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَهٗ 7ۭ
پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ 8ۧ
۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.
— علامہ تاج محمود امروٽي