090 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1ۙ
ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2ۙ
۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3ۙ
۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.
— علامہ تاج محمود امروٽيلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4ۭ
ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.
— علامہ تاج محمود امروٽياَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5ۘ
(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟
— علامہ تاج محمود امروٽييَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6ۭ
چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.
— علامہ تاج محمود امروٽياَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7ۭ
ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟
— علامہ تاج محمود امروٽياَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8ۙ
کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟
— علامہ تاج محمود امروٽيوَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9ۙ
۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟
— علامہ تاج محمود امروٽيوَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۚ10
۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ 11
پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۭ12
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟
— علامہ تاج محمود امروٽيفَكُّ رَقَبَةٍ ۙ13
ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۙ14
يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.
— علامہ تاج محمود امروٽييَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۙ15
مائٽي واري ڇوري ٻار کي.
— علامہ تاج محمود امروٽياَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۭ16
يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.
— علامہ تاج محمود امروٽيثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ۭ17
ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.
— علامہ تاج محمود امروٽياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ۭ18
اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ۭ19
۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيعَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ۧ20
مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽي