087 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَى 1ۙ
(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.
— علامہ تاج محمود امروٽيالَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى ۽ 2
جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَالَّذِيْ قَدَّرَ فَهَدٰى ۽ 3
۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَالَّذِيْٓ اَخْرَجَ الْمَرْعٰى ۽ 4
۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَجَعَلَهٗ غُثَاۗءً اَحْوٰى 5ۭ
پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.
— علامہ تاج محمود امروٽيسَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنْسٰٓى 6ۙ
اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.
— علامہ تاج محمود امروٽياِلَّا مَا شَاۗءَ اللّٰهُ ۭ اِنَّهٗ يَعْلَمُ الْجَـهْرَ وَمَا يَخْفٰى 7ۭ
مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).
— علامہ تاج محمود امروٽيوَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرٰى ښ 8
۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى 9ۭ
پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.
— علامہ تاج محمود امروٽيسَيَذَّكَّرُ مَنْ يَّخْشٰى ۙ10
جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَيَتَجَنَّبُهَا الْاَشْقَى ۙ11
۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيالَّذِيْ يَصْلَى النَّارَ الْكُبْرٰى ۚ12
جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيثُـمَّ لَا يَمُوْتُ فِيْهَا وَلَا يَحْيٰي ۭ13
وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى ۙ14
بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَذَكَرَ اسْمَ رَبِّهٖ فَصَلّٰى ۭ15
۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.
— علامہ تاج محمود امروٽيبَلْ تُـؤْثِرُوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا ڮ 16
بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَالْاٰخِرَةُ خَيْرٌ وَّاَبْقٰى ۭ17
۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّ هٰذَا لَفِي الصُّحُفِ الْاُوْلٰى ۙ18
بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيصُحُفِ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى ۧ19
جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽي