082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
جڏھن آسمان ڦاٽندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
۽ جڏھن قبرون پٽبيون.
— علامہ تاج محمود امروٽيعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.
— علامہ تاج محمود امروٽييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟
— علامہ تاج محمود امروٽيالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.
— علامہ تاج محمود امروٽيفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.
— علامہ تاج محمود امروٽيكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
سڳورا لکڻ وارا.
— علامہ تاج محمود امروٽييَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.
— علامہ تاج محمود امروٽييَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
— علامہ تاج محمود امروٽيثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
— علامہ تاج محمود امروٽييَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.
— علامہ تاج محمود امروٽي