078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.
— علامہ تاج محمود امروٽيعَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.
— علامہ تاج محمود امروٽيالَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيكَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
— علامہ تاج محمود امروٽيثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
— علامہ تاج محمود امروٽياَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
۽ جبلن کي ميخون؟
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيلِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گھاٽاباغ (به).
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽييَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.
— علامہ تاج محمود امروٽي