071 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
اِنَّآ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖٓ اَنْ اَنْذِرْ قَوْمَكَ مِنْ قَبْلِ اَنْ يَّاْتِيَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 1
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَالَ يٰقَوْمِ اِنِّىْ لَكُمْ نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 2ۙ
چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
— علامہ تاج محمود امروٽياَنِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّقُوْهُ وَاَطِيْعُوْنِ 3ۙ
ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.
— علامہ تاج محمود امروٽييَغْفِرْ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرْكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ اِذَا جَاۗءَ لَا يُؤَخَّرُ ۘ لَوْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 4
ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَالَ رَبِّ اِنِّىْ دَعَوْتُ قَوْمِيْ لَيْلًا وَّنَهَارًا 5ۙ
(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَلَمْ يَزِدْهُمْ دُعَاۗءِيْٓ اِلَّا فِرَارًا 6
پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنِّىْ كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوْٓا اَصَابِعَهُمْ فِيْٓ اٰذَانِهِمْ وَاسْتَغْشَوْا ثِيَابَهُمْ وَاَصَرُّوْا وَاسْتَكْبَرُوا اسْتِكْبَارًا 7ۚ
۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون.
— علامہ تاج محمود امروٽيثُـمَّ اِنِّىْ دَعَوْتُهُمْ جِهَارًا 8ۙ
وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو.
— علامہ تاج محمود امروٽيثُـمَّ اِنِّىْٓ اَعْلَنْتُ لَهُمْ وَاَسْرَرْتُ لَهُمْ اِسْرَارًا 9ۙ
وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفَّارًا ۙ10
پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽييُّرْسِلِ السَّمَاۗءَ عَلَيْكُمْ مِّدْرَارًا ۙ11
ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّيُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَيَجْعَلْ لَّكُمْ جَنّٰتٍ وَّيَجْعَلْ لَّكُمْ اَنْهٰرًا ۭ12
۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.
— علامہ تاج محمود امروٽيمَا لَكُمْ لَا تَرْجُوْنَ لِلّٰهِ وَقَارًا ۚ13
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَقَدْ خَلَقَكُمْ اَطْوَارًا 14
حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.
— علامہ تاج محمود امروٽياَلَمْ تَرَوْا كَيْفَ خَلَقَ اللّٰهُ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۙ15
نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَّجَعَلَ الْقَمَرَ فِيْهِنَّ نُوْرًا وَّجَعَلَ الشَّمْسَ سِرَاجًا 16
۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا ۙ17
۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.
— علامہ تاج محمود امروٽيثُـمَّ يُعِيْدُكُمْ فِيْهَا وَيُخْرِجُكُمْ اِخْرَاجًا 18
وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاللّٰهُ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ بِسَاطًا ۙ19
۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.
— علامہ تاج محمود امروٽيلِّتَسْلُكُوْا مِنْهَا سُبُلًا فِجَاجًا ۧ20
ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.
— علامہ تاج محمود امروٽي