053 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 62 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
وَالنَّجْمِ اِذَا هَوٰى 1ۙ
ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيمَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوٰى 2ۚ
ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى 3ۭ
۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنْ هُوَ اِلَّا وَحْيٌ يُّوْحٰى 4ۙ
ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيعَلَّمَهٗ شَدِيْدُ الْقُوٰى 5ۙ
اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيذُوْ مِرَّةٍ ۭ فَاسْتَوٰى 6ۙ
جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَهُوَ بِالْاُفُقِ الْاَعْلٰى 7ۭ
۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.
— علامہ تاج محمود امروٽيثُـمَّ دَنَا فَتَدَلّٰى 8ۙ
وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى 9ۚ
پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَاَوْحٰٓى اِلٰى عَبْدِهٖ مَآ اَوْحٰى ۭ10
پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.
— علامہ تاج محمود امروٽيمَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى 11
جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.
— علامہ تاج محمود امروٽياَفَتُمٰرُوْنَهٗ عَلٰي مَا يَرٰى 12
جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟
— علامہ تاج محمود امروٽيوَلَقَدْ رَاٰهُ نَزْلَةً اُخْرٰى ۙ13
۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.
— علامہ تاج محمود امروٽيعِنْدَ سِدْرَةِ الْمُنْتَهٰى 14
سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.
— علامہ تاج محمود امروٽيعِنْدَهَا جَنَّةُ الْمَاْوٰى ۭ15
اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياِذْ يَغْشَى السِّدْرَةَ مَا يَغْشٰى ۙ16
جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.
— علامہ تاج محمود امروٽيمَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى 17
(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيلَقَدْ رَاٰى مِنْ اٰيٰتِ رَبِّهِ الْكُبْرٰى 18
بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.
— علامہ تاج محمود امروٽياَفَرَءَيْتُمُ اللّٰتَ وَالْعُزّٰى ۙ19
لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمَنٰوةَ الثَّالِثَةَ الْاُخْرٰى 20
۽ پوئين ٽين منات کي به؟
— علامہ تاج محمود امروٽي