043 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 89 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
حٰــمۗ ڔ 1
حٰمٓ.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
پڌري ڪتاب جو قسم آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّا جَعَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 3ۚ
ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي عربيءَ (ٻوليءَ ۾) قرآن ڪيو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنَّهٗ فِيْٓ اُمِّ الْكِتٰبِ لَدَيْنَا لَعَلِيٌّ حَكِيْمٌ 4ۭ
۽ بيشڪ اُھو (ڪتاب) لَوح مَحۡفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياَفَنَضْرِبُ عَنْكُمُ الذِّكْرَ صَفْحًا اَنْ كُنْتُمْ قَوْمًا مُّسْرِفِيْنَ 5
اوھان کان نصيحت کي ھن ڪري مُنھن موڙي جھلينداسون ڇا ته اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَكَمْ اَرْسَلْنَا مِنْ نَّبِيٍّ فِي الْاَوَّلِيْنَ 6
۽ اڳين (قومن) ۾ گھڻائي پيغمبر موڪلياسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ نَّبِيٍّ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 7
۽ وٽن ڪوبه پيغمبر نه ٿي آيو مگر ساڻس ٺـٺوليون ٿي ڪيائون.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَاَهْلَكْنَآ اَشَدَّ مِنْهُمْ بَطْشًا وَّمَضٰى مَثَلُ الْاَوَّلِيْنَ 8
پوءِ اُنھن (قريشن) کان سگھ ۾ تمام ڏاڍن (عاد ۽ ثمود) کي (جو کائن بلڪل سگھارا ھوا) ناس ڪياسون ۽ اڳين جي حالت (اڳين بيان ۾) گذري چڪي آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَلَىِٕنْ سَاَلْتَهُمْ مَّنْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ لَيَقُوْلُنَّ خَلَقَهُنَّ الْعَزِيْزُ الْعَلِيْمُ 9ۙ
۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ٿه آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو ته ضرور چوندا ته انھن کي غالب ڄاڻندڙ (الله) بڻايو.
— علامہ تاج محمود امروٽيالَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا وَّجَعَلَ لَكُمْ فِيْهَا سُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۚ10
(اُنھيءَ الله) جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ اوھان لاءِ منجھس رستا بڻايا ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَالَّذِيْ نَزَّلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ ۚ فَاَنْشَرْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذٰلِكَ تُـخْـرَجُوْنَ 11
۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران ڳوٺ آباد ڪياسون، اھڙي طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَالَّذِيْ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّهَا وَجَعَلَ لَكُمْ مِّنَ الْفُلْكِ وَالْاَنْعَامِ مَا تَرْكَبُوْنَ ۙ12
۽ (اُنھيءَ الله) جنھن ھر قسم جا جانور بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ٻيڙيون ۽ اُھي جانور بڻايائين جن تي (اوھين) چڙھو.
— علامہ تاج محمود امروٽيلِتَسْتَوٗا عَلٰي ظُهُوْرِهٖ ثُـمَّ تَذْكُرُوْا نِعْمَةَ رَبِّكُمْ اِذَا اسْـتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَـقُوْلُوْاسُـبْحٰنَ الَّذِيْ سَـخَّــرَ لَنَا ھٰذَا وَمَا كُنَّا لَهٗ مُقْرِنِيْنَ ۙ13
ته اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن جي نوائڻ جي (ڪڏھن) طاقت رکندڙ نه ھواسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنَّآ اِلٰى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُوْنَ 14
۽ بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَجَعَلُوْا لَهٗ مِنْ عِبَادِهٖ جُزْءًا ۭ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَكَفُوْرٌ مُّبِيْنٌ ۧ15
۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياَمِ اتَّـخَذَ مِـمَّا يَـخْلُقُ بَنٰتٍ وَّاَصْفٰىكُمْ بِالْبَنِيْنَ 16
(الله) پنھنجي مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا) ؟
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذَا بُشِّرَ اَحَدُهُمْ بِـمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْهُهٗ مُسْوَدًّا وَّهُوَ كَظِيْمٌ 17
۽ جڏھن منجھائن ڪنھنکي اُنھيءَ شيءَ (يعني ڌيءُ جي ڄمڻ) جي خبر ڏجي جيڪا ٻاجھاري (الله) لاءِ مثال بيان ڪئي اٿس (تڏھن) سندن منھن ڪاراٽجي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريو ھوندو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياَوَمَنْ يُّنَشَّؤُا فِي الْـحِلْيَةِ وَهُوَ فِي الْـخِـصَامِ غَيْرُ مُبِيْنٍ 18
جيڪو ڳھن ۾ پالجي ٿو ۽ اُھو جھڳڙي ۾ (پنھنجي ڳالھ کي) پڌرو ڪرڻ وارو نه آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَجَعَلُوا الْمَلٰۗىِٕكَةَ الَّذِيْنَ هُمْ عِبٰدُ الرَّحْـمٰنِ اِنَاثًا ۭ اَشَهِدُوْا خَلْقَهُمْ ۭ سَـتُكْتَبُ شَهَادَتُهُمْ وَيُسْــَٔــلُوْنَ 19
۽ ملائڪن کي (الله جون) ڌيئرون مُقرّر ڪيون اٿن جي (پاڻ) الله جا ٻانھا آھن، (اھي) سندن پيدا ٿيڻ وقت حاضر ھوا ڇا؟ سندين (اھا) شاھدي سِگھو لکبي ۽ (ھُو قيامت ۾) پُڇيا ويندا.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَقَالُوْا لَوْ شَاۗءَ الرَّحْـمٰنُ مَا عَبَدْنٰهُمْ ۭ مَا لَهُمْ بِذٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۤ اِنْ هُمْ اِلَّا يَـخْرُصُوْنَ ۭ20
۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) گھري ھا ته انھن (ملائڪن) جي عبادت نه ڪريون ھا کين ھن (ڳالھ) جي ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽي