031 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 34 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
الۗمّۗ 1ۚ
الٓمّٓ.
— علامہ تاج محمود امروٽيتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
ھي آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيهُدًى وَّرَحْــمَةً لِّلْمُحْسِنِيْنَ 3ۙ
(جو) ھدايت ۽ ٻاجھ انھن ڀلارن لاءِ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت جو ويساھ (به) رکندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اُھي پنھنجي پالڻھار جي سڌي رستي تي آھن ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْـحَدِيْثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ ڰ وَّيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 6
۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي ته (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا وَلّٰى مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا كَاَنَّ فِيْٓ اُذُنَيْهِ وَقْرًا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 7
۽ جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ھٺيلو ٿي منھن ڦيرائيندو آھي ڄڻڪ اُنھن کي ٻڌوئي نه ھوائين ڄڻڪ سندس ٻنھي ڪنن ۾ گھٻرائي آھي، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتُ النَّعِيْمِ 8ۙ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت وارا باغ آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيخٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، (اِھو) الله جو پڪو انجام ڏنل آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيخَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَـمَدٍ تَرَوْنَهَا وَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَـمِيْدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيْهَا مِنْ كُلِّ دَاۗبَّةٍ ۭ وَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 10
آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي بڻايائين جو کين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوھان کي ڌوڏي ۽ منجھس ھر جنس جا جانور پکيڙيائين، ۽ آسمان کان پاڻي وسايو سون پوءِ منجھس سٺا ھر جنس جا اوڀڙ ڄماياسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيھٰذَا خَلْقُ اللّٰهِ فَاَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقَ الَّذِيْنَ مِنْ دُوْنِهٖ ۭ بَلِ الظّٰلِمُوْنَ فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۧ11
اِھا الله جي بڻاوت آھي پوءِ مونکي ڏيکاريو ته جيڪي اُن (الله) کانسواءِ (ٻيا) آھن تن ڇا بڻايو آھي، بلڪ ظالم پڌريءَ ڀُل ۾ آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَلَقَدْ اٰتَيْنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَةَ اَنِ اشْكُرْ لِلّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّشْكُرْ فَاِنَّـمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 12
۽ بيشڪ لُقمان کي حِڪمت ڏني سون (چيوسون) ته الله جو شُڪر ڪر، ۽ جيڪو شُڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي جيءَ (جي نفع) لاءِ شُڪر ڪندو، ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذْ قَالَ لُقْمٰنُ لِابْنِهٖ وَهُوَ يَعِظُهٗ يٰبُنَيَّ لَا تُشْرِكْ بِاللّٰهِ ڼ اِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيْمٌ 13
۽ (ياد ڪر) جڏھن لُقمان پنھنجي پُٽ کي چيو ۽ اُنھيءَ کيس سمجھايو ٿي ته اي مُنھنجا پُٽڙا الله سان (ڪنھن کي) شريڪ نه ڪر، ڇوته شرڪ وڏي بي انصافي آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ ۚ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ وَهْنًا عَلٰي وَهْنٍ وَّفِصٰلُهٗ فِيْ عَامَيْنِ اَنِ اشْكُرْ لِيْ وَلِوَالِدَيْكَ ۭ اِلَيَّ الْمَصِيْرُ 14
۽ ماڻھوءَ کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيوسون، جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سھي کيس (پنھنجي پيٽ ۾) کنيو ۽ ٻن ورھن ۾ سندس (بُبن جو) ڇڏائڻ آھي (حُڪم جو مطلب ھيءُ آھي) ته منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪرانو ڪر (جو آخر) مون ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنْ جَاهَدٰكَ عَلٰٓي اَنْ تُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ ۙفَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوْفًا ۡ وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ ثُـمَّ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 15
۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.
— علامہ تاج محمود امروٽييٰبُنَيَّ اِنَّهَآ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِيْ صَـخْـرَةٍ اَوْ فِي السَّمٰوٰتِ اَوْ فِي الْاَرْضِ يَاْتِ بِهَا اللّٰهُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَطِيْفٌ خَبِيْرٌ 16
(لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي) ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽييٰبُنَيَّ اَقِـمِ الصَّلٰوةَ وَاْمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَاصْبِرْ عَلٰي مَآ اَصَابَكَ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ مِنْ عَزْمِ الْاُمُوْرِ ۚ17
اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَـمْشِ فِي الْاَرْضِ مَرَحًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـحِبُّ كُلَّ مُـخْـتَالٍ فَـخُــوْرٍ ۚ18
۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاقْصِدْ فِيْ مَشْيِكَ وَاغْضُضْ مِنْ صَوْتِكَ ۭ اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْـحَمِيْرِ ۧ19
۽ پنھنجي گھمڻ ۾ وچولي چال ھل ۽ پنھنجو آواز ڍرو ڪر، ڇوته آوازن مان بڇڙو (آواز) گڏھ جي ھينگ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ سَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَاَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهٗ ظَاهِرَةً وَّبَاطِنَةً ۭ وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 20
نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽي