027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
طٰسٓ، ھي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
اُنھن مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (به) يقين رکندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون پوءِ اُھي حيران رھندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي ۽ اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.
— علامہ تاج محمود امروٽياِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
(ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو ته بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) ٻاريل ٽانڊو آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو ته جوئي باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جي پالڻھار کي پاڪائي آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽييٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
(چيو ويو ته) اي مُوسىٰ بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي ته) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ پنھنجي لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي مُوسىٰ نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ پيغمبر نه ڊڄندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائي کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين ته بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ وجھ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ داخل آھن فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون (تنھن مھل) چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ بي انصافي ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون حالانڪ سندين دلين انھن کي پڪ ڄاتو ھو (ته الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو ته سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي ڀلائي ڏني آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي ماڻھؤ اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اھا پڌري ڀلائي آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھوا.
— علامہ تاج محمود امروٽيحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
تان جو جڏھن ڪِوۡلين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِوۡل چيو ته اي ڪيوۡليون اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو، ته سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نه لتاڙين.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) ته اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ پکين جو حال احوال معلوم ڪيائين پوءِ (ھُد ھُد کي نه ڏسي ڪري) چيائين ته مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھُد ھُد نه ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟
— علامہ تاج محمود امروٽي