002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
الۗمّۗ 1ۚ
الٓمٓ
— علامہ تاج محمود امروٽيذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
ھيءُ ڪتاب، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي، اُنھن خدا ترسن کي سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي
— علامہ تاج محمود امروٽيالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن ۽ کين جيڪي رزق ڏنوسين تنھن مان خرچيندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ اُھي (اي پيغمبر) جيڪو (قرآن) تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻـين پيغمبرن تي) لاٿو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي يقين رکندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اِھي ئي (انھيءَ) سڌي واٽ تي آھن جا سندن پالڻھار کان (ڏسيل) آھي ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
بيشڪ جن انڪار ڪيو تن تي (اي پيغمبر!) تنھنجو کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (سو) ھڪجھڙو آھي اِھي ايمان نه آڻيندا.
— علامہ تاج محمود امروٽيخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مُھر ھنئي آھي، ۽ سندن اکين تي ڇَوڙُ (چڙھيل) آھي ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيوسين ۽ حقيقت ۾ اُھي مؤمن نه آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽييُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
الله ۽ مومنن کي دلبو ڏيندا آھن، ۽ حالانڪ پاڻ کان سواءِ (ٻئي ڪنھن کي) دلبو نه ڏيندا آھن ۽ نه سمجھندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
سندن دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي پوءِ الله سندين بيماري وڌائي، ۽ انھيءَ ڪري جو (ھو) ڪُوڙ ڳالھائيندا آھن انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته مُلڪ ۾ فساد نه وجھو، چوندا آھن ته اسين سڌاريندڙ ئي آھيون.
— علامہ تاج محمود امروٽياَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
خبردار! اِھي پاڻ فسادي آھن پر نه سمجھندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جھڙي طرح ٻـين ماڻھن ايمان آندو آھي (تھڙي طرح اوھين به) ايمان آڻيو (تڏھن) چوندا آھن ته جئن بي سمجھن ايمان آندو آھي تئن ايمان آڻيون ڇا؟ خبردار، اُھي ئي بي سمجھ آھن پر نه ڄاڻندا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته اسان ايمان آندو آھي، ۽ جڏھن پنھنجن شيطانن (سردارن) کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته اسين (پر ۾) اوھان سان آھيون اسين (مؤمنن سان) رڳو چٿر ڪندڙ آھيون.
— علامہ تاج محمود امروٽياَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
الله ساڻن چٿر ڪندو آھي ۽ انھن کي پنھنجي سرڪشي ۾ ڊيگھ ڏيندو آھي جو عقل جا انڌا آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
اِھي اُھي آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ڳڌي، پوءِ سندن واپار کين فائدو نه ڏنو ۽ نڪي اُھي ھدايت وارا ٿيا.
— علامہ تاج محمود امروٽيمَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
سندن مثال انھيءَ جي مثال جھڙو آھي جنھن باھ ٻاري، پوءِ جنھن مھل باھ پنھنجي آس پاس کي روشن ڪيو (تنھن مھل) الله سندن سوجھرو اجھايو ۽ کين اونداھيءَ ۾ ڇڏي ڏنائين جو نه ڏسن.
— علامہ تاج محمود امروٽيۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
(اُھي) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن پوءِ اُھي نه موٽندا.
— علامہ تاج محمود امروٽياَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا (سندن مثال اُنھي) آسماني برسات (وارن) جھڙو آھي جنھن ۾ اونداھيون ۽ گوڙ ۽ وڄ ھجي، اُھي پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪنن ۾، ڪڙڪن کان موت جي ڀَو ڪري وجھن، ۽ الله ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽييَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
وڄ سندن اکين (جي سوجھري کي) اُمالڪ کسڻ تي ھُجي، جڏھن انھن لاءِ چمڪي ته منجھس ھلن ٿا، ۽ جڏھن مٿن اوندھ ڪري تڏھن بيھي رھن ٿا، ۽ جيڪڏھن الله گھري ته سندن اکيون ۽ سندن ڪن ضرور وڃائي ڇڏي، بيشڪ الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽي