012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الرٰ، ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو ته مانَ اوھين سمجھو.
— علامہ تاج محمود امروٽينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
(اي پيغمبر) اسين توڏانھن ھن قرآن ۾ پنھنجي وحي موڪلڻ سان ڏاڍو چڱو قصّو توکي پڙھي ٻڌايون ٿا، ۽ تون ھن کان اڳ بيشڪ بي خبرن مان ھئين.
— علامہ تاج محمود امروٽياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
(ياد ڪر) جڏھن يوسفؑ پنھنجي پيءُ کي چيو ته اي ابا مون يارھن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا انھن کي ڏٺم ته مون کي سجدو ٿا ڪن.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
(يعقوبؑ) چيو ته اي منھنجا پٽ پنھنجو خواب پنھنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته تولاءِ ڪو ڦند ڦيريندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو ويري آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ اھري طرح تنھنجو پالڻھار توکي سڳورو ڪندو ۽ توکي خوابن جو تعبير سيکاريندو ۽ پنھنجي نعمت توتي ۽ يعقوبؑ جي اولاد تي اھڙي طرح پوري ڪندو جھڙي اڳ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ تي پوري ڪيائين، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇندڙن لاءِ (گھڻيون) نشانيون آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
جڏھن (پاڻ ۾) چيائون ته بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بن يامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) ڏاڍي ٽولي آھيون، بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
(ھاڻي گھرجي ته) يُوسفؑ کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
منجھائن (ھڪ) چوندڙ چيو ته يُوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪي) ڪندڙ آھيو ته کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس ته ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
(يعقوبؑ کي) چيائون ته اي بابا توکي ڇا ٿيو آھي يُوسفؑ جي نسبت ۾ توکي اسان تي ھن ھوندي به ڪو ڀروسو نٿو ٿئي جو اسين سندس خيرخواہ آھيون.
— علامہ تاج محمود امروٽياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
سڀاڻي اسان سان کيس موڪل ته کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگھبان آھيون.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
(يعقوبؑ) چيو ته اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ کانئس اوھين بي خبر ھجو.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
چيائون ته اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) ڏاڍي ٽولي ھوندي به جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو ته اسين انھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا.
— علامہ تاج محمود امروٽيقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ (اُن کوھ تي) قافلو آيو پوءِ پنھنجي پاڻي ڀريندڙ کي موڪليائون جنھن پنھنجو ٻوڪو وڌو، چيائون وھ واھ! ھي نينگر آھي، ۽ کيس ھڪ (چڱي) وٿ سمجھي لڪايائون، ۽ جيڪي ڪيائون ٿي سو الله ڄاڻندڙ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي ٿورا پئسا ھوا، سندس حق ۾ بيزاري ڪندڙ ھوا.
— علامہ تاج محمود امروٽي