100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن جو پيغام
مُترجم: علامہ تاج محمود امروٽي
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
— علامہ تاج محمود امروٽيفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
جو اُن مھل رئي اُٿارين.
— علامہ تاج محمود امروٽيفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽياَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.
— علامہ تاج محمود امروٽيوَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.
— علامہ تاج محمود امروٽياِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.
— علامہ تاج محمود امروٽي