098 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ مُنْفَكِّيْنَ حَتّٰى تَاْتِيَهُمُ الْبَيِّنَةُ 1ۙ
اڳين ڪتابن وارن ۽ مشرڪن مان جيڪي ڪافر هئا، سي تيستائين ته ڪفر کان رڪجڻ وارا نه هئا، جيستائين وٽن ”چٽو دليل“ نه آيو،
— محمد عثمان ڏيپلائيرَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ يَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةً 2ۙ
يعني الله جو رسول، جو کين پاڪ ورق پڙهي ٻڌائي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْهَا كُتُبٌ قَيِّمَةٌ 3ۭ
جن ۾ سنئيون سڌيون ڳالهيون لکيل آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا تَفَرَّقَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ 4ۭ
۽ اهي اڳين ڪتابن وارا ته وٽن ”چٽي دليل“ اچڻ کان پوءِ ئي ڇڙوڇڙ ٿيا!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اُمِرُوْٓا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ ڏ حُنَفَاۗءَ وَيُقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَذٰلِكَ دِيْنُ الْقَيِّمَةِ 5ۭ
کين رڳو اهو حڪم ٿيو، ته سچيءَ دِل سان، ٻين سڀني طرفن کان منهن موڙي، هڪ الله جي بندگي ڪن، نماز هميشه پڙهن ۽ زڪوات ڏين_ ۽ اهو ئي سچو دين آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ فِيْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِيَّةِ 6ۭ
ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو، سي بيشڪ دوزخ جي باهه ۾ پوندا ۽ هميشه ان ۾ رهندا_ اهي سڄيءَ مخلوق کان بڇڙا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ 7ۭ
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي سڄيءَ مخلوق کان ڀلا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيجَزَاۗؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهٗ 8ۧ
سندن عيوض سندن رب وٽ دائمي باغ آهن، جن هيٺان نديون وهنديون آهن، هو سدائين توڙ تائين انهن ۾ رهندا، الله هنن کان خوش ٿيو ۽ هو هن کان خوش ٿيا، اهو (انعام) ان لاءِ آهي، جو پنهنجي رب کان ڊڄندو رهي!
— محمد عثمان ڏيپلائي