096 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ 1ۚ
پڙهه، پنهنجي رب جي نالي سان، جنهن خلقيو آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ 2ۚ
جنهن انسان کي رت جي دِڳ مان خلقيو_
— محمد عثمان ڏيپلائياِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ 3ۙ
پڙهه، ۽ تنهنجو رب وڏيءَ عزت وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ 4ۙ
جنهن انسان کي قلم سان علم ڏنو.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ 5ۭ
انسان کي اهو سيکاريائين، جيڪي نه ڄاڻندو هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّآ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَيَطْغٰٓى 6ۙ
مگر انسان تڏهن آڪڙ ٿو ڪري
— محمد عثمان ڏيپلائياَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰى 7ۭ
جڏهن پاڻ کي بي پرواهه ڏسي ٿو،
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰى 8ۭ
بيشڪ توکي پنهنجي رب ڏي موٽڻو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَرَءَيْتَ الَّذِيْ يَنْهٰى 9ۙ
ان شخص کي ڏٺئي، جيڪو روڪ ٿو ڪري؟
— محمد عثمان ڏيپلائيعَبْدًا اِذَا صَلّٰى ۭ10
نماز پڙهندڙ ٻانهي کي
— محمد عثمان ڏيپلائياَرَءَيْتَ اِنْ كَانَ عَلَي الْهُدٰٓى ۙ11
ڀلا ڏس، ته جيڪڏهن هو سنئين واٽ تي هجي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰى ۭ12
يا نيڪيءَ جو حڪم ڪري!
— محمد عثمان ڏيپلائياَرَءَيْتَ اِنْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ13
ڀلا ڏس ته جيڪڏهن هو (سچي دين کي) ڪوڙ بنائي ۽ منهن موڙي!
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ يَعْلَمْ بِاَنَّ اللّٰهَ يَرٰى ۭ14
ڇا، هو سمجهي نٿو ته الله کيس ڏسي ٿو؟
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا لَىِنْ لَّمْ يَنْتَهِ ڏ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِيَةِ ۙ15
ياد رکي، جيڪڏهن باز نه ايندو، ته اسين کيس نراڙ (جي وارن) کان جهلي گهلينداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائينَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ۭ16
اهو نراڙ، جو ڪوڙو ۽ گناهن ڀريل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلْيَدْعُ نَادِيَهٗ ۙ17
پوءِ ڀل ته هو پنهنجن سنگتين کي سڏي.
— محمد عثمان ڏيپلائيسَـنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ ۙ18
۽ اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا ۭ لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ ڙ 19
خبردار! سندس چيو نه مڃ، سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجهو ٿي.
— محمد عثمان ڏيپلائي