093 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالضُّحٰى 1ۙ
شاهد آهن: مٿي آيل ڏينهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّيْلِ اِذَا سَـجٰى 2ۙ
۽ اونداهي ٿي ويل رات،
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلٰى 3ۭ
ته تنهنجي رب نڪي توکي ڇڏي ڏنو آهي نڪي ناراض ٿيو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَلْاٰخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰى 4ۭ
تنهنجي پڇاڙي تنهنجي اڳياڙي کان گهڻي سٺي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَسَوْفَ يُعْطِيْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰى 5ۭ
۽ تنهنجو رب توکي جلد ئي اهو ڏيندو، جو تون خوش ٿيندين.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيْمًـا فَاٰوٰى 6۠
ڇا، هن توکي يتيم ڏسي جاءِ ڪانه ڏني؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَوَجَدَكَ ضَاۗلًّا فَهَدٰى 7۠
۽ توکي اڻ واقف ڏسي واٽ ڏيکاريائين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَوَجَدَكَ عَاۗىِٕلًا فَاَغْنٰى 8ۭ
توکي غريب ڏسي غني ڪري ڇڏيائين.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَمَّا الْيَتِيْمَ فَلَا تَقْهَرْ 9ۭ
پوءِ تون به يتيم تي سختي نه ڪج.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّا السَّاۗىِٕلَ فَلَا تَنْهَرْ ۭ10
سواليءَ کي ڇڙٻ نه ڏج،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ ۧ11
۽ پنهنجي رب جون نعمتون بيان ڪندو رهه.
— محمد عثمان ڏيپلائي