090 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1ۙ
شاهد ٿو واريان هيءُ شهر،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2ۙ
۽ توتي هن شهر جي روڪ نه رهندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3ۙ
۽ پيءُ ۽ سندس اولاد به،
— محمد عثمان ڏيپلائيلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4ۭ
ته اسان بيشڪ انسان کي تڪليفن وارو بڻايو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5ۘ
ڇا هو ڀانئي ٿو، ته مٿس ڪو به پُڙي نه سگهندو؟
— محمد عثمان ڏيپلائييَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6ۭ
هو ٿو چوي ته ”مون گهڻو ئي مال اُڏايو آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائياَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7ۭ
ڇا، هو ٿو ڀانئي ته”کيس ڪو به ڪو نه ٿو ڏسي؟“
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8ۙ
ڇا اسان کيس اکيون نه ڏنيون آهن؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9ۙ
۽ ڄڀ ۽ چپ (نه ڏنا آهن؟)
— محمد عثمان ڏيپلائيوَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۚ10
اسان کيس ٻئي رستا ڏيکاريا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ 11
پوءِ به هو ”لَڪ“ نه لنگهي سگهيو!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۭ12
۽ ڪنهن تو کي پروڙايو ته ”لَڪ“ ڇا آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيفَكُّ رَقَبَةٍ ۙ13
اهو آهي ڪنهن جو ڪنڌ آزاد ڪرڻ.
— محمد عثمان ڏيپلائياَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۙ14
يا سخت بک وقت ماني کارائڻ
— محمد عثمان ڏيپلائييَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۙ15
ڪنهن يتيم مائٽ کي
— محمد عثمان ڏيپلائياَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۭ16
يا مٽيءَ ۾ پيل مسڪين کي
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ۭ17
پوءِ انهن ۾ به شامل ٿئي، جن ايمان آندو، ۽ صبر ۽ مهرباني ڪرڻ جي نصيحت ڪندا رهيا.
— محمد عثمان ڏيپلائياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ۭ18
اهي سڀاڳا شخص آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ۭ19
۽ جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو، سي نڀاڳا شخص آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ۧ20
اُهي باهه ۾ بند ٿيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائي