009 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 129 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ 1ۭ
اوهان، جن مشرڪن سان عهدنامو ڪيو هو، تنهن تان الله ۽ سندس رسول هٿ کنيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَسِيْحُوْا فِي الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مُـخْزِي الْكٰفِرِيْنَ 2
تنهنڪري ”(اي مشرڪو!) اوهين ملڪ ۾ چار مهينا گهمي ڦري وٺو ۽ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪري نٿا سگهو ۽ بيشڪ الله ڪافرن کي خوار ڪندو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْـحَجِّ الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِيْۗءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ڏ وَرَسُوْلُهٗ ۭ فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۭ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ اَلِــيْـمٍ 3ۙ
وڏي حج جي تاريخن ۾ ماڻهن اڳيان الله ۽ سندس رسول جي طرفان هيءُ اعلان ڪجي ٿو ته ”الله ۽ سندس رسول مشرڪن تان هٿ کڻن ٿا“ پوءِ جيڪڏهن اوهين توبهه ڪريو، ته اها اوهان لاءِ چڱي آهي- ۽ جي اوهين منهن موڙيندؤ، ته سمجهي ڇڏيو ته اوهين الله کي عاجز ڪري نٿا سگهو ۽ ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ثُـمَّ لَمْ يَنْقُصُوْكُمْ شَيْــــًٔـا وَّلَمْ يُظَاهِرُوْا عَلَيْكُمْ اَحَدًا فَاَتِـمُّــوْٓا اِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ اِلٰى مُدَّتِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 4
مگر جن مشرڪن سان اوهان قول اقرار ڪيو آهي ۽ انهن ان ۾ اوهان سان ڪا گهٽتائي نه ڪئي آهي، نڪي اوهان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي به مدد ڪئي اٿن، تن سان اوهين قول قرار مقرر وقت تائين پورو ڪريو، بيشڪ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِذَا انْسَلَخَ الْاَشْهُرُ الْـحُرُمُ فَاقْتُلُوا الْمُشْرِكِيْنَ حَيْثُ وَجَدْتُّـمُــوْهُمْ وَخُذُوْهُمْ وَاحْصُرُوْهُمْ وَاقْعُدُوْا لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَـخَــلُّوْا سَـبِيْلَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پوءِ جڏهن امن جا مهينا گذري وڃن، ته پوءِ مشرڪن کي جتي به ڏسو، اتي قتل ڪريو ۽ کين پڪڙيو ۽ گهيري ۾ آڻيو، ۽ هر هڪ گهٽ تي انهن جي تاڪ ۾ ويهو- پوءِ جيڪڏهن توبهه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين، ته انهن جو رستو ڇڏي ڏيو- بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنْ اَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ اسْتَجَارَكَ فَاَجِرْهُ حَتّٰي يَسْمَعَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُـمَّ اَبْلِغْهُ مَاْمَنَهٗ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُوْنَ 6ۧ
۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو توکان پناهه گهري ته ان کي پناهه ڏي، جيسين الله جي ڪلام کي ٻڌي، پوءِ ان کي سندس امن واري جاءِ تي پهچائي ڇڏيو. اهو حڪم ان ڪري آهي جو اهي اڻ ڄاڻ ماڻهو آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَيْفَ يَكُوْنُ لِلْمُشْرِكِيْنَ عَهْدٌ عِنْدَ اللّٰهِ وَعِنْدَ رَسُوْلِهٖٓ اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ عِنْدَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ ۚ فَـمَا اسْتَقَامُوْا لَكُمْ فَاسْتَقِيْمُوْا لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 7
الله ۽ سندس رسول وٽ مشرڪن جو عهدنامو ڪهڙيءَ طرح رهي سگهي ٿو؟ سواءِ انهن جي، جن سان اوهان بيت الله وٽ عهدنامو ڪيو آهي. پوءِ جيسين اهي اوهان سان سڌا رهن، ته اوهين به انهن سان سڌا رهو، بيشڪ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَيْفَ وَاِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوْا فِيْكُمْ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ يُرْضُوْنَكُمْ بِاَفْوَاهِهِمْ وَتَاْبٰي قُلُوْبُهُمْ ۚ وَاَكْثَرُهُمْ فٰسِقُوْنَ 8ۚ
ڪيئن (عهد نامو قائم رکجي)؟ جو جيڪڏهن هو (ڪافر) اوهان تي غالب ٿين، ته اوهان لاءِ نڪي مائٽيءَ جو خيال ڪن، نه قول قرار جو. هي ته اوهان کي زبان سان خوش ٿا ڪن، پر سندن دليون انڪاري آهن ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِشْتَرَوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ثَـمَنًا قَلِيْلًا فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 9
اهي الله جي حڪمن کي ٿوري ملهه سان ٿا وڪڻن، سو اهي الله جي رستي کان هٽيل آهن، بيشڪ سندن اهو عمل بڇڙو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَا يَرْقُبُوْنَ فِيْ مُؤْمِنٍ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُعْتَدُوْنَ 10
اهي ڪنهن به مومن بابت نڪي مائٽي جو خيال ٿا رکن، نه قول قرار جو، اهي ئي ماڻهو گهڻي اڳرائي ڪري رهيا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ ۭ وَنُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 11
پوءِ جيڪڏهن اهي توبهه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ اهي اوهانجا ديني ڀائر آهن- ۽ اسين سمجهدار ماڻهن لاءِ آيتن کي کولي بيان ڪريون ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنْ نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوْا فِيْ دِيْنِكُمْ فَقَاتِلُوْٓا اَىِٕمَّةَ الْكُفْرِ ۙ اِنَّهُمْ لَآ اَيْـمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُوْنَ 12
۽ جيڪڏهن اهي قول ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن قسمن کي ٽوڙين ۽ اوهان جي دين تي طعنا هڻن، ته اوهين ڪفر جي سردارن سان وڙهو، ته هو جهلجي وڃن، ڇا لاءِ ته هو سندن قسمن تي قائم نه رهيا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْـمَانَهُمْ وَهَـمُّوْا بِاِخْرَاجِ الرَّسُوْلِ وَهُمْ بَدَءُوْكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ ۭ اَتَـخْشَوْنَهُمْ ۚ فَاللّٰهُ اَحَقُّ اَنْ تَـخْشَوْهُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 13
اوهين اهڙن ماڻهن سان ڇو نه ٿا وڙهو، جن پنهنجي قسمن کي ٽوڙيو ۽ رسول کي وطن نيڪالي ڏيڻ جي رٿ ڪيائون ۽ انهن ئي اوهان کي پهريائين ڇيڙيو- ڇا اوهين انهن کان ڊڄو ٿا؟ مگر جي مومن آهيو ته الله ئي وڌيڪ ڊڄڻ لائق آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَاتِلُوْهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّٰهُ بِاَيْدِيْكُمْ وَيُـخْزِهِمْ وَيَنْصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُوْرَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِيْنَ ۙ14
انهن سان وڙهو. الله کين اوهان جي هٿان ايذاءُ ڏيندو ۽ خوار ڪندو- اوهان کي مٿن غالب ڪندو ۽ مومنن جي دلين کي ٿڌو ڪندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوْبِهِمْ ۭ وَيَتُوْبُ اللّٰهُ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 15
۽ سندن دلين جي غصي کي دور ڪندو ۽ جن کي الله گهرندو، انهن کي توبهه نصيب ڪندو ۽ الله وڏي علم ۽ ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تُتْرَكُوْا وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ جٰهَدُوْا مِنْكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلَا رَسُوْلِهٖ وَلَا الْمُؤْمِنِيْنَ وَلِيْجَةً ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ16
ڇا اوهين ٿا ڀانيو ته اوهان کي ائين (بنا آزمائڻ) ڇڏي ڏبو؟ جو اڃا ته الله اوهان مان انهن کي ئي پڌرو نه ڪيو آهي، جن جهاد ڪيو ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مومنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي دلي دوست ڪري نه بڻايو اٿن- جيڪي اوهين ڪريو ٿا، الله انهيءَ کان خبردار آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا كَانَ لِلْمُشْرِكِيْنَ اَنْ يَّعْمُرُوْا مَسٰجِدَ اللّٰهِ شٰهِدِيْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حَبِطَتْ اَعْـمَالُهُمْ ښ وَفِي النَّارِ هُمْ خٰلِدُوْنَ 17
جيئن ته مشرڪ پنهنجي لاءِ ڪفر جو اقرار ڪري چڪا آهن تنهن ڪري هو انهيءَ جي لائق نه آهن، جو الله جي مسجدن کي آباد ڪن- سندن سڀ عمل چٽ ٿيا ۽ اهي باهه ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّـمَا يَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَاَقَامَ الصَّلٰوةَ وَاٰتَى الزَّكٰوةَ وَلَمْ يَـخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰٓى اُولٰۗىِٕكَ اَنْ يَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِيْنَ 18
الله جي مسجدن کي آباد ڪرڻ جو لائق فقط اهو آهي، جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ٿو. نماز قائم ڪري ٿو. زڪوات ڏئي ٿو ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان به نه ٿو ڊڄي، ته اهڙن ماڻهن بابت اميد آهي، ته هو هدايت وارا ٿيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائياَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْـحَاۗجِّ وَعِـمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ كَـمَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَجٰهَدَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰه ِ ۭ لَا يَسْتَوٗنَ عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۘ19
ڇا، اوهان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ بيت الله جي آباد رکڻ کي ان ماڻهوءَ جي برابر سمجهيو آهي، جيڪو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ۽ الله جي واٽ ۾ جهاد ڪري؟ اهي الله وٽ برابر نٿا ٿي سگهن ۽ الله بي انصاف ماڻهن کي سمجهه نٿو ڏئي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَهَاجَرُوْا وَجٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ ۙ اَعْظَمُ دَرَجَةً عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
جن ايمان آندو، وطن ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيائون، اهي الله وٽ وڏو درجو رکن ٿا، اهي ئي ڪامياب آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائي