089 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالْفَجْرِ 1ۙ
شاهد آهن؛ صبح جو وقت،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَيَالٍ عَشْرٍ 2ۙ
ڏهه راتيون،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ 3ۙ
ٻڌي ۽ اِڪي،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّيْلِ اِذَا يَسْرِ 4ۚ
۽ گذرندڙ رات.
— محمد عثمان ڏيپلائيهَلْ فِيْ ذٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِيْ حِجْرٍ 5ۭ
ڇا، انهن ۾عقل واري لاءِ ڪا شاهديءَ جهڙي چيز ڪانهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ۽ 6
ڇا توکي خبر ڪانهي ته تنهنجي رب ”عاد“ سان ڇا ڪيو؟
— محمد عثمان ڏيپلائياِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۽ 7
ٿنڀن جهڙي ڊگهي قوم ”ارم“ سان
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّتِيْ لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ ۽ 8
جن جهڙو ڪو ملڪن ۾ پيدا ڪيل نه هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَثَـمُوْدَ الَّذِيْنَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ 9
۽ ثمود (قوم) سان جي (گهرن ٺاهڻ لاءِ) ماٿريءَ ۾ پٿر گهڙيندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَفِرْعَوْنَ ذِي الْاَوْتَادِ ۽ 10
۽ ميخن واري فرعون سان،
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ ۽ 11
جي ملڪ ۾ سرڪش ٿي ويا،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَكْثَرُوْا فِيْهَا الْفَسَادَ ۽ 12
۽ ان ۾ گهڻيون خرابيون ڪرڻ لڳا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ ڌ 13
پوءِ تنهنجي رب مٿن عذاب جو چهبڪ وسايو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ ۭ14
بيشڪ تنهنجو رب ته (ڏوهارين جي) تاڪ ۾ هوندو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَمَّا الْاِنْسَانُ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ رَبُّهٗ فَاَكْرَمَهٗ وَنَعَّمَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَكْرَمَنِ ۭ15
مگر انسان ته اهڙو آهي، جو جڏهن کيس سندس رب آزمائيندو آهي، تڏهن کيس عزت ۽ نعمت ڏيندو آهي، ته هو چوندو آهي، ”منهنجي ڌڻيءَ مون کي عزت بخشي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّآ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَهَانَنِ ۚ16
وري جڏهن کيس آزمائيندو آهي، تڏهن سندس رزق تنگ ڪندو آهي، ته وري هو چوندو آهي ته ”منهنجي رب مون کي بي عزت ڪيو آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ ۙ17
(مگر ائين) هرگز ناهي، بلڪ اوهين نڪي يتيم جي دل ٿا وٺو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَا تَحٰۗـضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ ۙ18
نڪي مسڪينن کي ماني کارائڻ لاءِ همٿايو ٿا،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَتَاْكُلُوْنَ التُّرَاثَ اَكْلًا لَّمًّا ۙ19
۽ ورثي جي مال کي ميڙي هڙپ ٿا ڪريو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّتُحِبُّوْنَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا ۭ20
۽ مال سان ڏاڍو پيار ٿا رکو.
— محمد عثمان ڏيپلائي