088 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 26 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
هَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْغَاشِـيَةِ 1ۭ
ڇا، تو وٽ ”ڇانئجي ويندڙ“ (قيامت) جي خبر پهتل آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوُجُوْهٌ يَّوْمَىِٕذٍ خَاشِعَةٌ 2ۙ
اُن ڏينهن ڪي منهن نهايت نماڻا،
— محمد عثمان ڏيپلائيعَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ 3ۙ
سخت محنت ڪيل ۽ ٿڪل هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيتَصْلٰى نَارًا حَامِيَةً 4ۙ
ساڙيندڙ باهه ۾ پهچندا،
— محمد عثمان ڏيپلائيتُسْقٰى مِنْ عَيْنٍ اٰنِيَةٍ 5ۭ
گرم چشمن جو پاڻي پياريو ويندن.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ اِلَّا مِنْ ضَرِيْعٍ 6ۙ
سندن کاڌو رڳو ڪنڊن وارو ٻوٽو هوندو،
— محمد عثمان ڏيپلائيلَّا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِيْ مِنْ جُوْعٍ 7ۭ
جو نڪي ٿلهو ڪندو نڪي بک لاهيندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوُجُوْهٌ يَّوْمَىِٕذٍ نَّاعِمَةٌ 8ۙ
۽ ڪي منهن ان ڏينهن تازا توانا هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِّسَعْيِهَا رَاضِيَةٌ 9ۙ
سندن ڪمن جي ڪوشش سبب خوش هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْ جَنَّةٍ عَالِيَةٍ ۙ10
مٿانهن باغن ۾ هوندا،
— محمد عثمان ڏيپلائيلَّا تَسْمَعُ فِيْهَا لَاغِيَةً ۭ11
جن ۾ ڪا بڪواس نه ٻڌندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْهَا عَيْنٌ جَارِيَةٌ ۘ12
انهن ۾ چشما وهندڙ هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْهَا سُرُرٌ مَّرْفُوْعَةٌ ۙ13
انهن ۾ اونچا تخت وڇايل هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَكْوَابٌ مَّوْضُوْعَةٌ ۙ14
ڪوزا رکيل؛
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّنَمَارِقُ مَصْفُوْفَةٌ ۙ15
طول وهاڻا قطار ڪيل،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّزَرَابِيُّ مَبْثُوْثَةٌ ۭ16
۽ غاليچا پکڙيل!
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَلَا يَنْظُرُوْنَ اِلَى الْاِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ ۪17
ڇا، هو اُٺ ڏي نٿا ڏسن، ته ڪيئن خلقاڻو آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِلَى السَّمَاۗءِ كَيْفَ رُفِعَتْ ۪18
۽ آسمان ڏانهن ته ڪيئن اونچو ڪيل آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِلَى الْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ ۪19
۽ جبلن ڏانهن، ته ڪيئن کوڙيل آهن؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِلَى الْاَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ ۪20
۽ زمين ڏانهن ته ڪيئن پکڙيل آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائي