087 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَى 1ۙ
تون پنهنجي وڏي مرتبي واري رب جي پاڪائي چئو.
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى ۽ 2
جنهن پيدا ڪيو، پوءِ عضوا ٺيڪ ڪيا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّذِيْ قَدَّرَ فَهَدٰى ۽ 3
۽ جنهن اندازو مقرر ڪيو، پوءِ راهه ڏيکاري.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّذِيْٓ اَخْرَجَ الْمَرْعٰى ۽ 4
جنهن چارو اڀاريو،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَجَعَلَهٗ غُثَاۗءً اَحْوٰى 5ۭ
پوءِ کيس سڪو سڙو ڪري ڇڏيائين.
— محمد عثمان ڏيپلائيسَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنْسٰٓى 6ۙ
اسين توکي پڙهائينداسون، پوءِ نه وساريندين،
— محمد عثمان ڏيپلائياِلَّا مَا شَاۗءَ اللّٰهُ ۭ اِنَّهٗ يَعْلَمُ الْجَـهْرَ وَمَا يَخْفٰى 7ۭ
سواءِ انهي جي، جيڪي الله (وسارڻ) چاهي_ بيشڪ هو پڌرو خواهه ڳجهو ڄاڻي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرٰى ښ 8
۽ اسين توکي سولي رستي جي توفيق ڏينداسين.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى 9ۭ
پوءِ تون نصيحت ڪر، جيڪڏهن نصيحت فائدو ڏئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيسَيَذَّكَّرُ مَنْ يَّخْشٰى ۙ10
جيڪو ڊپ رکي ٿو، سو نصيحت وٺي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيَتَجَنَّبُهَا الْاَشْقَى ۙ11
ان کان پاسو وڏو نڀاڳو ئي ڪندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْ يَصْلَى النَّارَ الْكُبْرٰى ۚ12
جو وڏيءَ باهه ۾ پوندو،
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ لَا يَمُوْتُ فِيْهَا وَلَا يَحْيٰي ۭ13
پوءِ ان ۾ نڪي مَرندو، نڪي جيئندو!
— محمد عثمان ڏيپلائيقَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى ۙ14
بيشڪ انهيءَ مراد ماڻي، جنهن پاڻ کي پاڪ ڪيو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَذَكَرَ اسْمَ رَبِّهٖ فَصَلّٰى ۭ15
۽ سندس ڌڻيءَ جو نالو ياد ڪيائين ۽ نماز پڙهندو رهيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلْ تُـؤْثِرُوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا ڮ 16
مگر اوهين دنيا جي حياتيءَ کي وڌيڪ ٿا سمجهو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْاٰخِرَةُ خَيْرٌ وَّاَبْقٰى ۭ17
پر آخرت وڌيڪ سٺي ۽ جٽادار آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ هٰذَا لَفِي الصُّحُفِ الْاُوْلٰى ۙ18
اها ئي ڳالهه اڳين ڪتابن ۾ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيصُحُفِ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى ۧ19
يعني ابراهيم ۽ موسيٰ جي ڪتاب ۾.
— محمد عثمان ڏيپلائي