086 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 17 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالسَّمَاۗءِ وَالطَّارِقِ 1ۙ
آسمان ۽ ”رات جو ايندڙ“ شاهد آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الطَّارِقُ 2ۙ
۽ توکي ڪهڙي خبر ته ”رات جو ايندڙ“ ڇا آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيالنَّجْمُ الثَّاقِبُ 3ۙ
اهو آهي ”چمڪندڙ تارو.“
— محمد عثمان ڏيپلائياِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِـظٌ 4ۭ
ته ڪو به شخص اهڙو ناهي، جنهن تي نگهبان نه هجي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلْيَنْظُرِ الْاِنْسَانُ مِمَّ خُلِقَ 5ۭ
پوءِ انسان کي نظر ڪرڻ گهرجي، ته هو ڇا مان ٺهيو آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيخُلِقَ مِنْ مَّاۗءٍ دَافِقٍ 6ۙ
ٺهيو آهي اڇلندڙ پاڻيءَ مان.
— محمد عثمان ڏيپلائييَّخْرُجُ مِنْۢ بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَاۗىِٕبِ 7ۭ
جو پٺ ۽ ڇاتيءَ وچان نڪري ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّهٗ عَلٰي رَجْعِهٖ لَقَادِرٌ 8ۭ
بيشڪ خدا کيس ٻيهر به خلقي سگهي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَ تُبْلَى السَّرَاۗىِٕرُ 9ۙ
جنهن ڏينهن ڳجهه پڌرا ڪبا،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَـمَا لَهٗ مِنْ قُوَّةٍ وَّلَا نَاصِرٍ ۭ10
ته پوءِ نڪي سندس وس هلندو ۽ نڪي مددگار هوندس.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الرَّجْعِ ۙ11
وري وري مينهن وسائيندڙ آسمان شاهد آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْاَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ ۙ12
۽ ڦاٽندڙ زمين شاهد آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّهٗ لَقَوْلٌ فَصْلٌ ۙ13
ته هيءَ فيصلو ڪندڙ ڳالهه آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّمَا هُوَ بِالْهَزْلِ ۭ14
ڪو چرچو ناهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّهُمْ يَكِيْدُوْنَ كَيْدًا ۙ15
بيشڪ اهي به پيا رٿون رٿين،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَكِيْدُ كَيْدًا ښ 16
۽ آءُ به پيو رٿون رٿيان!
— محمد عثمان ڏيپلائيفَمَــهِّلِ الْكٰفِرِيْنَ اَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا ۧ17
پوءِ تون ڪافرن کي کڻي ٿورڙي ڍر ڏي!
— محمد عثمان ڏيپلائي