085 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 22 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْبُرُوْجِ 1ۙ
شاهد آهن؛ برجن وارو آسمان،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْيَوْمِ الْمَوْعُوْدِ 2ۙ
مقرر ڪيل ڏينهن،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَشَاهِدٍ وَّمَشْهُوْدٍ 3ۭ
ڏسندڙ ۽ ڏٺل،
— محمد عثمان ڏيپلائيقُتِلَ اَصْـحٰبُ الْاُخْدُوْدِ 4ۙ
ته کاهين وارا ناس ٿيا.
— محمد عثمان ڏيپلائيالنَّارِ ذَاتِ الْوَقُوْدِ 5ۙ
جن ۾ ٻارڻ پيل باهه هئي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُوْدٌ 6ۙ
جڏهن هنن انهن جي ڪنارن تي ويهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّهُمْ عَلٰي مَا يَفْعَلُوْنَ بِالْمُؤْمِنِيْنَ شُهُوْدٌ 7ۭ
جيڪي مؤمنن سان ڪري رهيا هئا، سو اکئين پئي ڏٺو!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا نَقَمُوْا مِنْهُمْ اِلَّآ اَنْ يُّؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 8ۙ
هنن انهن کان بدلو رڳو هن جو ٿي ورتو، جو هنن انهي الله تي ئي ويساهه آندو، جو سڀ تي غالب ۽ واکاڻ جوڳو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 9ۭ
جنهن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين تي آهي ۽ الله هر ڳالهه کي ڏسندڙ آهي!
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيْقِ ۭ10
بيشڪ جيڪي شخص مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ستائين ٿا، پوءِ توبهه نٿا ڪن، تن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ ساڙيندڙ عذاب به.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۀ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِيْرُ ۭ11
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ باغ آهن، جن هيٺان نديون وهنديون هونديون، اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيْدٌ ۭ12
بيشڪ تنهنجي رب جي پڪڙ تمام سخت آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّهٗ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيْدُ ۚ13
هو ئي پهرين ٿو خلقي ۽ پوءِ به خلقيندو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَهُوَ الْغَفُوْرُ الْوَدُوْدُ ۙ14
۽ هو ئي بخشيندڙ، پيار ڪندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيذُو الْعَرْشِ الْمَجِيْدُ ۙ15
تخت جو مالڪ وڏي شان وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَعَّالٌ لِّمَا يُرِيْدُ ۭ16
جيڪي وڻيس ٿو، سو ٿو ڪري.
— محمد عثمان ڏيپلائيهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْجُــنُوْدِ ۙ17
ڀلا تو وٽ لشڪرن جي خبر پهتل آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيفِرْعَوْنَ وَثَـمُــوْدَ ۭ18
فرعون ۽ ثمود جي
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ تَكْذِيْبٍ ۙ19
مگر ڪافر ڄاڻي ٻجهي (قرآن کي) ڪوڙو ٿا سمجهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاللّٰهُ مِنْ وَّرَاۗىِٕهِمْ مُّحِيْــطٌ ۚ20
۽ الله ته کين چوڌاري گهيري ڇڏيو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائي