084 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 25 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اِذَا السَّمَاۗءُ انْشَقَّتْ 1ۙ
جڏهن آسمان ڦاٽندو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 2ۙ
۽ سندس رب جو حڪم مڃيندو، جو مڃڻ کپيس.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا الْاَرْضُ مُدَّتْ 3ۙ
۽ جڏهن زمين سڌي ڪئي ويندي،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَلْقَتْ مَا فِيْهَا وَتَخَلَّتْ 4ۙ
جيڪي منجهس آهي سو ڪڍي ڦٽو ڪندي،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 5ۭ
۽ سندس ڌڻيءَ جو حڪم مڃيندي، جو مڃڻ کپيس.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِيْهِ 6ۚ
اي انسان! تون پنهنجي رب جي طرف خوب ڪوشش ڪرين ٿو سو تون ساڻس ملندين.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ 7ۙ
پوءِ جنهن کي سندس اعمالنامو سڄي هٿ ۾ مليو،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَّسِيْرًا 8ۙ
ان کان سولائيءَ سان حساب وٺبو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّيَنْقَلِبُ اِلٰٓى اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا 9ۭ
هو سندس گهر وارن ڏانهن خوش ٿي موٽندو_
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ وَرَاۗءَ ظَهْرِهٖ ۙ10
مگر جنهن کي سندس اعمالنامو پٺيءَ پوئتان ملندو،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَسَوْفَ يَدْعُوْا ثُبُوْرًا ۙ11
سو موت کي پيو سڏيندو
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّيَصْلٰى سَعِيْرًا ۭ12
۽ باهه ۾ وڃي پوندو_
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّهٗ كَانَ فِيْٓ اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا ۭ13
هو پنهنجي گهر وارن ۾ ڏاڍو خوش رهندو هو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّهٗ ظَنَّ اَنْ لَّنْ يَّحُوْرَ ڔ 14
۽ ڀائيندو هو ته ”خدا ڏانهن نه موٽندو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلٰٓى ڔ اِنَّ رَبَّهٗ كَانَ بِهٖ بَصِيْرًا ۭ15
هائو! سندس رب کيس خوب ڏسندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَآ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ۙ16
پوءِ آءُ شاهد ٿو ڏيان؛ شام جي ڳاڙهاڻ،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّيْلِ وَمَا وَسَقَ ۙ17
۽ رات ۽ جيڪي هوءَ ڪٺو ٿي ڪري،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ۙ18
۽ سَڄو ٿيل چنڊ،
— محمد عثمان ڏيپلائيلَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ ۭ19
ته اوهين درجي بدر جي چڙهندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَـمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۙ20
پوءِ ڇا ٿيو اٿن، جو ايمان نٿا آڻين.
— محمد عثمان ڏيپلائي