083 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 36 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَيْلٌ لِّـلْمُطَفِّفِيْنَ 1ۙ
ماپ تور ۾ گهٽ وڌ ڪندڙ لاءِ ويل آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ اِذَا اكْتَالُوْا عَلَي النَّاسِ يَسْتَوْفُوْنَ ڮ 2
جو جڏهن ماڻهن کان ڀرپ ڪري وٺن، ته پوري ڪري وٺن
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا كَالُوْهُمْ اَوْ وَّزَنُوْهُمْ يُخْسِرُوْنَ 3ۭ
۽ جڏهن پاڻ ماپي يا توري ڏين ته گهٽ ڪن.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَا يَظُنُّ اُولٰۗىِٕكَ اَنَّهُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ 4ۙ
ڇا، هو نٿا ڀانئن ته هو ضرور وري جيئاربا
— محمد عثمان ڏيپلائيلِيَوْمٍ عَظِيْمٍ 5ۙ
نهي وڏي ڏينهن
— محمد عثمان ڏيپلائييَّوْمَ يَقُوْمُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 6ۭ
جنهن ڏينهن سڀ ماڻهو جهانن جي پالڻهار اڳيان بيهندا؟
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّآ اِنَّ كِتٰبَ الْفُجَّارِ لَفِيْ سِجِّيْنٍ 7ۭ
ٻڌو! بيشڪ بدڪارن جا عمل ”سجين“ ۾ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا سِجِّيْنٌ 8ۭ
۽ توکي ڪنهن پروڙايو ”سجين“ ڇا آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيكِتٰبٌ مَّرْقُوْمٌ 9ۭ
اهو لکيل دفتر آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ10
ان ڏينهن انهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ يُكَذِّبُوْنَ بِيَوْمِ الدِّيْنِ ۭ11
جي قيامت کي ڪوڙ ٿا سمجهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا يُكَذِّبُ بِهٖٓ اِلَّا كُلُّ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
ان کي فقط اهڙو سڀڪو ڪوڙ سمجندو، جو حد کان اُڪرندڙ بدڪار آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰـتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ ۭ13
جڏهن کيس اسان جو آيتون ٻڌائجن ٿيون، ته چوي ٿو ته ”اهي ته اڳين جون آکاڻيون آهن.“
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا بَلْ ۫ رَانَ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ مَّا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 14
نه، بلڪ سندن ڪيتن سبب سندن قلبن تي ڪٽ چڙهيل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّآ اِنَّهُمْ عَنْ رَّبِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّمَحْجُوْبُوْنَ ۭ15
ياد رکو! هو انهي ڏينهن سندن رب کي ڏسڻ کان روڪبا.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ اِنَّهُمْ لَصَالُوا الْـجَــحِيْمِ ۭ16
پوءِ اهي دوزخ ۾ داخل ٿيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ يُقَالُ هٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ ۭ17
پوءِ چئبن ته ”هي آهي اُهو، جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّآ اِنَّ كِتٰبَ الْاَبْرَارِ لَفِيْ عِلِّيِّيْنَ ۭ18
ياد رکو! بيشڪ نيڪن جا عمل ”عليين“ ۾ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا عِلِّيُّوْنَ ۭ19
۽ خبر اٿيئي ته ”عليين“ ڇا آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيكِتٰبٌ مَّرْقُوْمٌ ۙ20
هڪ لکيل دفتر آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائي