082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
جڏهن آسمان چيربو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
جڏهن تارا کِڙندا،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
جڏهن درياءُ ڦاٽندا،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
۽ جڏهن قبرن وارا جيئاربا.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
تڏهن هر شخص کي پتو پوندو ته ڇا اڳتي موڪليو اٿس، ۽ ڇا پوئتي ڇڏيو اٿس.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
اي انسان! توکي تنهنجي سڳوري ڌڻيءَ کي مڃڻ کان ڪهڙي ڳالهه ٿي دوکي ۾ وجهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جنهن توکي خلقيو، پوءِ تنهنجا عضوا ٺيڪ ڪيائين؛ توکي پورو برابر ڪيائين.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
۽ جيڪا صورت وڻيس سا توکي ڏنائين.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
(اڻ ڄاڻ) هر گز نه (آهيو) بلڪ اوهين قيامت کي ٿا ڪوڙ سمجهو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
۽ پڪ اوهان مٿي نگهبان آهن
— محمد عثمان ڏيپلائيكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
سڳورا لکندڙ
— محمد عثمان ڏيپلائييَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
جي اوهان جي ڪمن کي ڄاڻن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
بيشڪ نيڪ، نعمتن ۾ هوندا
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
۽ بدڪار دوزخ ۾
— محمد عثمان ڏيپلائييَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
وڃي پوندا قيامت ڏينهن
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
هو ان مان نڪري نه سگهندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ توکي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڇا آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
وري به ٿا چئون، ته توکي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڇا آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
هو اُهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ ڪو به شخص ڪنهن شخص کان ڪجهه ٽاري به نه سگهندو ۽ ان ڏينهن حڪم فقط الله جو هلندو.
— محمد عثمان ڏيپلائي