080 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 42 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
عَبَسَ وَتَوَلّىٰٓ 1ۙ
(نبيءَ) گُهنڊ وڌو ۽ منهن ڦيرايو،
— محمد عثمان ڏيپلائياَنْ جَاۗءَهُ الْاَعْـمٰى 2ۭ
هن ڪري، جو وٽس انڌو آيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّهٗ يَزَّكّىٰٓ 3ۙ
۽ توکي ڪهڙي خبر، جو هو شايد پاڪ ٿئي ها.
— محمد عثمان ڏيپلائياَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنْفَعَهُ الذِّكْرٰى 4ۭ
يا نصيحت وٺي، جا نصيحت کيس فائدو ڏئي؟
— محمد عثمان ڏيپلائياَمَّا مَنِ اسْتَغْنٰى 5ۙ
مگر جيڪو بي پرواهه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَنْتَ لَهٗ تَصَدّٰى 6ۭ
ان ڏي ته تون ڌيان ڏين ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا عَلَيْكَ اَلَّا يَزَّكّٰى 7ۭ
۽ توتي ڪا به ميار ناهي، جيڪڏهن هو نه سڌري.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّا مَنْ جَاۗءَكَ يَسْعٰى 8
پر جيڪو شخص تو ڏانهن ڊوڙندو ٿو اچي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَهُوَ يَخْشٰى 9ۙ
۽ هو الله جو ڊپ ٿو رکي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَنْتَ عَنْهُ تَلَهّٰى ۚ10
ته تون وري ان کان بي رخو ٿو ٿين؟
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّآ اِنَّهَا تَذْكِرَةٌ ۚ11
ياد رک! هي ته رڳو نصيحت آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَـمَنْ شَاۗءَ ذَكَرَهٗ ۘ12
پوءِ جنهن کي وڻي، سو منجهانئس نصيحت وٺي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْ صُحُفٍ مُّكَرَّمَةٍ ۙ13
اهو سڳورن، ورقن ۾ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَّرْفُوْعَةٍ مُّطَهَّرَةٍۢ ۙ14
مٿانهين درجي وارن پاڪ
— محمد عثمان ڏيپلائيبِاَيْدِيْ سَفَرَةٍ ۙ15
لکندڙن جي هٿ ۾ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيكِرَامٍۢ بَرَرَةٍ ۭ16
نهايت سڳورن، نيڪ
— محمد عثمان ڏيپلائيقُتِلَ الْاِنْسَانُ مَآ اَكْفَرَهٗ ۭ17
اُهو انسان شل ناس ٿئي، جو ڪهڙو نه بي شڪر آهي!
— محمد عثمان ڏيپلائيمِنْ اَيِّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ ۭ18
هو ڪهڙيءَ چيز مان خلقيو ويو آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيمِنْ نُّطْفَةٍ ۭ خَلَقَهٗ فَقَدَّرَهٗ ۙ19
هڪ قطري مان! کيس خلقيائين،پوءِ سندس اندازو بنايائين.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ السَّبِيْلَ يَسَّرَهٗ ۙ20
پوءِ هن لاءِ رستي کي سولو ڪيائين.
— محمد عثمان ڏيپلائي