079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالنّٰزِعٰتِ غَرْقًا 1ۙ
شاهد آهن؛_ سختيءَ سان (ساهه) ڪڍندڙ.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّالنّٰشِطٰتِ نَشْطًا 2ۙ
آسانيءَ سان ڳنڍ کوليندڙ.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّالسّٰبِحٰتِ سَبْحًا 3ۙ
(فضا ۾) ترندا رهندڙ.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًا 4ۙ
پوءِ وک وڌائيندڙ
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًا 5ۘ
پوءِ ڪمن جو انتظام ڪندڙ ملائڪ؛
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ 6ۙ
ته هڪ ڏينهن زمين ڌڏندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيتَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ 7ۭ
۽ کيس وري وري ڌوڏا ايندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلُوْبٌ يَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌ 8ۙ
ان ڏينهن دليون ڪنبندڙ هونديون.
— محمد عثمان ڏيپلائياَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ 9ۘ
سندن اکيون جهڪيل هونديون.
— محمد عثمان ڏيپلائييَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِي الْحَافِرَةِ ۭ10
چون ٿا ته ”ڇا، تڏهن وري به ساڳيءَ هن حالت ۾ ٿينداسون؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيءَاِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً ۭ11
جڏهن اسين سڙيل هڏا ٿي وينداسون،
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ۘ12
چون ٿا ته ”اهو ٻيو دفعو جيئرو ٿيڻ ته نقصان وارو آهي!“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِنَّـمَا ھِيَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ اها (قيامت) رڳي هڪ هڪل هوندي،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِذَا هُمْ بِالسَّاهِرَةِ ۭ14
جنهن ڪري يڪدم سڀ اچي ميدان ۾ بيهندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى ۘ15
ڇا، توکي موسيٰ جي خبر پهتل آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۚ16
جڏهن سندس رب کيس پاڪ ماٿريءَ طويٰ ۾ سڏيو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى ڮ 17
ته ”فرعون ڏي وڃ، جو هو سرڪشي ٿو ڪري.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى ۙ18
پوءِ چوينس ته اٿيئي ڪو گناهن کان پاڪ ٿيڻ جو ارادو؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَهْدِيَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰى ۚ19
۽ آءُ توکي تنهنجي رب جو رستو ڏيکاريان، ته مَن تون کانئس ڊڄين؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَرٰىهُ الْاٰيَةَ الْكُبْرٰى ڮ 20
پوءِ هن کيس وڏي نشاني ڏيکاري
— محمد عثمان ڏيپلائي