078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
هي پاڻ ۾ ڇا بابت ٿا سوال جواب ڪن؟
— محمد عثمان ڏيپلائيعَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
انهي وڏي واقعي بابت،
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنهن ۾ هو ڌار ڌار خيال رکن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
مگر ياد رکو! جلد ئي کين خبر پوندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
۽ وري به ياد رکو! جلد ئي کين خبر پوندي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
ڇا، اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
۽ جبلن کي ميخون؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
۽ اوهان کي جوڙا جوڙا خلقيا اٿئون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
اوهان لاءِ ننڊ کي فرحت بنايوسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
رات کي ڍڪ بنايوسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
ڏينهن کي گذران لاءِ بنايوسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
۽ اوهان مٿي ست مضبوط (آسمان) بناياسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
۽ هڪ چمڪندڙ ڏيئو، (سج) بنايوسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
۽ ڪڪرن مان لڳو لڳ مينهن ٿا وسايون.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
ته اُن سان اَن ۽ سلا اُڀاڙيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گهاٽا باغ.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
بيشڪ، فيصلي جو ڏينهن مقرر ٿيل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪبو، پوءِ اوهين فوجون ٿي ايندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
آسمان کي کولبو، ته منجهس دروازا بنبا،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
۽ جبلن کي هلائبو ته رڃ بنجي ويندا.
— محمد عثمان ڏيپلائي