077 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 50 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالْمُرْسَلٰتِ عُرْفًا 1ۙ
شاهد آهن؛ دل کي وڻندڙ هيرون.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًا 2ۙ
سخت لڳندڙ هوائون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّالنّٰشِرٰتِ نَشْرًا 3ۙ
ڪڪرن کي کڻي پکيڙيندڙ هوائون.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًا 4ۙ
وري کين هڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ هوائون.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْمُلْقِيٰتِ ذِكْرًا 5ۙ
وحي آڻيندڙ ملائڪ.
— محمد عثمان ڏيپلائيعُذْرًا اَوْ نُذْرًا 6ۙ
جي عذر وڃائڻ لاءِ ڊيڄارڻ لاءِ وحي آڻين ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِـعٌ 7ۭ
ته جيڪو اوهان سان وعدو ڪجي ٿو سو ضرور ٿيندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِذَا النُّجُوْمُ طُمِسَتْ 8ۙ
پوءِ جڏهن تارا ميٽبا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا السَّمَاۗءُ فُرِجَتْ 9ۙ
جڏهن آسمان چيربو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ ۙ10
جڏهن جبل اڏائبا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا الرُّسُلُ اُقِّتَتْ ۭ11
۽ جڏهن رسول مقرر وقت تي گڏ ڪبا،
— محمد عثمان ڏيپلائيلِاَيِّ يَوْمٍ اُجِّلَتْ ۭ12
(تڏهن خبر پوندوَ) ته انهن کي ڪهڙي ڏينهن لاءِ ترسايل هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِيَوْمِ الْفَصْلِ ۚ13
يعني فيصلي جي ڏينهن لاءِ.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ ۭ14
۽ توکي ڪنهن سمجهايو ته ”فيصلي جو ڏينهن“ ڇا آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 15
ان ڏينهن انهن شخصن لاءِ خرابي آهي، جي (کيس) ڪوڙ سمجهندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ نُهْلِكِ الْاَوَّلِيْنَ ۭ16
ڇا، اسان اڳين کي ناس نه ڪيو؟
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ نُتْبِعُهُمُ الْاٰخِرِيْنَ 17
وري انهن پٺيان ٻين کي آڻيندا آهيون،
— محمد عثمان ڏيپلائيكَذٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِيْنَ 18
ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 19
ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ نَخْلُقْكُّمْ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ ۙ20
ڇا، اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان نه خلقيو آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائي