076 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 31 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
هَلْ اَتٰى عَلَي الْاِنْسَانِ حِيْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا 1
ڪڏهن انسان تي زماني جو هڪ اهڙو به وقت لنگهي چڪو آهي، جڏهن هو ڪا يادگيريءَ هيٺ ايندڙ چيز ئي نه هو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ ڰ نَّبْتَلِيْهِ فَجَعَلْنٰهُ سَمِيْعًۢا بَصِيْرًا 2
بيشڪ، اسان انسان کي هڪڙي گڏيل ڦڙي مان پيدا ڪيو، ته ان کي پرکيون، پوءِ کيس ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ بنايوسون.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا هَدَيْنٰهُ السَّبِيْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّاِمَّا كَفُوْرًا 3
بيشڪ اسان هن کي سنئين واٽ ڏيکاري، هاڻ شڪر ڪري يا ڪفر ڪري (سندس مرضي).
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَلٰسِلَا۟ وَاَغْلٰلًا وَّسَعِيْرًا 4
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير، ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار رکي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الْاَبْرَارَ يَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًا 5ۚ
۽ نيڪ ٻانها، اهڙي پيالي مان پيئندا، جنهن ۾ ڪافور جي ملاوٽ هوندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَيْنًا يَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ يُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِيْرًا 6
اهو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا ٻانها پيئندا ۽ کيس چڱيءَ طرح وهائيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائييُوْفُوْنَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُوْنَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهٗ مُسْـتَطِيْرًا 7
اهي نيڪ ٻانها نذر پورا ڪندا آهن ۽ انهي ڏينهن کان ڊڄندا آهن، جنهن جي تڪليف ظاهر هوندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰي حُبِّهٖ مِسْكِيْنًا وَّيَـتِـيْمًا وَّاَسِيْرًا 8
۽ هو پاڻ کي ضرورت هوندي به کاڌو مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّـمَا نُـطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِيْدُ مِنْكُمْ جَزَاۗءً وَّلَا شُكُوْرًا 9
۽ چوندا آهن ته ”اسين اوهان کي فقط الله ڪارڻ کارايون ٿا، اسان کي نڪو اوهان کان عيوض گهرجي، نڪو شڪرانو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِيْرًا 10
بيشڪ اسين اسان جي ڌڻيءَ کان ڏکئي ڏينهن کان ڊڄون ٿا، جو تمام سخت آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَوَقٰىهُمُ اللّٰهُ شَرَّ ذٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقّٰىهُمْ نَضْرَةً وَّسُرُوْرًا ۚ11
پوءِ الله کين انهي ڏينهن جي تڪليف کان ڇڏايو ۽ کين تازگي ۽ خوشي پهچائي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَزٰىهُمْ بِـمَا صَبَرُوْا جَنَّةً وَّحَرِيْرًا ۙ12
۽ سندن صبر ڪرڻ جي بدلي کين باغ ۽ ريشم ڏنائين_
— محمد عثمان ڏيپلائيمُّتَّكِــــِٕيْنَ فِيْهَا عَلَي الْاَرَاۗىِٕكِ ۚ لَا يَرَوْنَ فِيْهَا شَمْسًا وَّلَا زَمْهَرِيْرًا ۚ13
انهي باغ ۾ تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا، اتي نڪا اس ڏسندا نڪو پارو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلٰلُهَا وَذُلِّـلَتْ قُـطُوْفُهَا تَذْلِيْلًا 14
۽ انهي باغ جي ڇانوَ مٿن ويجهي ٿيل هوندي ۽ اُنهي جا ميوا به چڱيءَ طرح ويجها ڪبا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِاٰنِيَةٍ مِّنْ فِضَّةٍ وَّاَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَا۩رِيْرَا۟ ۙ15
هنن وٽ چانديءَ جي انهن ٿانون ۽ پيالن جي اچ وڃ پيئي ٿيندي، جي شيشن جا هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَوَا۩رِيْرَا۟ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوْهَا تَقْدِيْرًا 16
۽ شيشا به چانديءَ جا، جن کي انهن پوري انداز سان ٺهرايو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيُسْقَوْنَ فِيْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيْلًا ۚ17
اتي کين اهي پيالا پياربا، جن ۾ ”سنڍ“ جي ملاوٽ هوندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَيْنًا فِيْهَا تُسَمّٰى سَلْسَبِيْلًا 18
اهو اتي هڪ چشمو آهي، جنهن کي ”سلسبيل“ سڏبو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيَطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۚ اِذَا رَاَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنْثُوْرًا 19
۽ وٽن هميشه رهندڙ ڇوڪرا پيا اچ وڃ ڪندا، جن کي جڏهن ڏسندين، ته کين پکڙيل موتي پيو سمجهندين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا رَاَيْتَ ثَمَّ رَاَيْتَ نَعِيْمًا وَّمُلْكًا كَبِيْرًا 20
۽ جڏهن نهاريندين ته اتي نعمت ۽ وڏي بادشاهي پيو ڏسندين.
— محمد عثمان ڏيپلائي