075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
لَآ اُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ 1ۙ
شاهد ٿو ڏيان قيامت جو ڏينهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَآ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ 2ۭ
۽ شاهد ٿو ڏيان ڇينڀيندڙ دل!
— محمد عثمان ڏيپلائياَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗ 3ۭ
ڇا، انسان ڀانئي ٿو، ته سندس هڏيون ڪڏهن به گڏ نه ڪنداسون؟
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلٰى قٰدِرِيْنَ عَلٰٓي اَنْ نُّسَوِّيَ بَنَانَهٗ 4
هائو! اسين ته سندس آڱرين جي سنڌن کي سڌو ڪرڻ جي به طاقت رکون ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلْ يُرِيْدُ الْاِنْسَانُ لِيَفْجُرَ اَمَامَهٗ 5ۚ
بلڪ انسان ته گهري ٿو، ته سندس ايندڙ عمر ۾ به خوب گناهه ڪري.
— محمد عثمان ڏيپلائييَسْــَٔـلُ اَيَّانَ يَوْمُ الْقِيٰمَةِ 6ۭ
پڇي ٿو ته ”ڀلا ڪڏهن ايندو قيامت جو ڏينهن؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ 7ۙ
پوءِ جڏهن اکيون ڦاٽنديون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَخَسَفَ الْقَمَرُ 8ۙ
چنڊ گرهبو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ 9ۙ
۽ سج چنڊ گڏ ٿيندا،
— محمد عثمان ڏيپلائييَقُوْلُ الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍ اَيْنَ الْمَفَرُّ ۚ10
ان ڏينهن انسان چوندو ته ”هاڻ ڪا آهي ڀڄڻ جي واهه؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا لَا وَزَرَ ۭ11
هر گز نه_ ڪا به واهه ڪانهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِلٰى رَبِّكَ يَوْمَىِٕذِ ۨالْمُسْتَــقَرُّ ۭ12
ان ڏينهن رڳو تنهنجي ڌڻيءَ وٽ ئي ٺڪاڻو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍۢ بِـمَا قَدَّمَ وَاَخَّرَ ۭ13
ان ڏينهن انسان کي سندس اڳ موڪليل ۽ پوئتي ڇڏيل جي خبر پوندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰي نَفْسِهٖ بَصِيْرَةٌ ۙ14
بلڪه انسان ته پاڻ مٿي پاڻ ئي حجت آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّلَوْ اَلْقٰى مَعَاذِيْرَهٗ ۭ15
پوءِ کڻي بهانا پيو ڪري!
— محمد عثمان ڏيپلائيلَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖ ۭ16
(اي رسول) تون (جبرائيل سان گڏ تڪڙ ڪرڻ لاءِ) زبان کي نه چور.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَقُرْاٰنَهٗ ښ 17
بيشڪ، قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ پڙهائڻ اسان تي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِـــعْ قُرْاٰنَهٗ ۚ18
ان ڪري جڏهن اهو پڙهايون تڏهن سندس پڙهڻ موجب ان جي پٺيان پڙهه.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ ۭ19
پوءِ ان جو پڌرو ڪرڻ اسان تي ئي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ ۙ20
(اي ڪافرو!) خبردار! اوهين دنيا کي پسند ٿا ڪريو،
— محمد عثمان ڏيپلائي