074 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 56 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّر 1ۙ
اي ڪپڙي ويڙهيل شخص!
— محمد عثمان ڏيپلائيقُمْ فَاَنْذِرْ ۽ 2
اُٿ! ۽ ماڻهن کي ڊيڄار.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۽ 3
سندءِ ڌڻيءَ جي وڏائي چئو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ ۽ 4
پنهنجا ڪپڙا صاف رک.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ ۽ 5
پليتيءَ کان پري رهه.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَا تَمْنُنْ تَسْتَكْثِرُ ۽ 6
۽ احسان ڪري گهڻو عيوض نه گهر.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلِرَبِّكَ فَاصْبِرْ 7ۭ
پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم تي صبر ڪر.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ 8
پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪبو،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ 9ۙ
تڏهن ان ڏينهن اوکو وقت ٿيندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ 10
ڪافرن لاءِ ڪا به سکيائي نه هوندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيذَرْنِيْ وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيْدًا ۙ11
مون کي ۽ انهي شخص کي ڇڏي ڏي، جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيم. (_) کيس گهڻو مال ۽ مجلس ۾ وهندڙ پٽ ڏنم،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّجَعَلْتُ لَهٗ مَالًا مَّمْدُوْدًا ۙ12
کيس گهڻو مال ڏنم
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّبَنِيْنَ شُهُوْدًا ۙ13
۽ مجلس ۾ وهندڙ پُٽ
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّمَهَّدْتُّ لَهٗ تَمْهِيْدًا ۙ14
۽ کيس پوريءَ طرح وڌايم،
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ يَطْمَعُ اَنْ اَزِيْدَ ڎ 15
ته به هو لالچ ٿو رکي ته اڃا به وڌيڪ ڏيانس!
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا ۭ اِنَّهٗ كَانَ لِاٰيٰتِنَا عَنِيْدًا ۭ16
هر گز نه! بيشڪ هو اسان جي آيتن ۾ جهيڙو ڪندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيسَاُرْهِقُهٗ صَعُوْدًا ۭ17
ان کي جلد هڪ اُڀي جبل تي چاڙهيندس. (يعني کيس ترت ئي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.)
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّهٗ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ۙ18
بيشڪ، هن سوچ ڪئي ۽ هڪ ٺهراءُ ڪيائين.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ19
پوءِ شل موت پويس، ڪيئن نه ٺهراءُ ڪيو اٿس!
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ20
وري به شل موت پويس، ڪيئن نه ٺهراءُ ڪيو اٿس!
— محمد عثمان ڏيپلائي