072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
(اي رسول! تون) چؤ، ته بيشڪ مون ڏانهن وحي آيل آهي، ته جنن مان هڪ ٽوليءَ قرآن ٻڌو، پوءِ چيائون ته ”بيشڪ اسان هڪ عجب قرآن ٻُڌو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
جو سنئون رستو ڏسي ٿو، ان ڪري اسان هن کي مڃيو ۽ اسين پنهنجي ڌڻيءَ سان هر گز ڪنهن کي به ڀائيوار نه سمجهنداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
۽ هي ته اسان جي ڌڻيءَ جو شان تمام وڏو آهي، هن نڪي زال رکي آهي، نڪو اولاد.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
۽ اسان مان ڪنهن بيوقوف الله بابت ڪوڙو ٺاهه پئي ٺاهيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
اسان سمجهيو هو، ته انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ هر گز نه چوندا،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
۽ انسانن مان ڪيترا شخص جنن جي مردن وٽ پناهه گهرندا هئا، ان ڪري هو وڌيڪ وڏائي ڪرڻ لڳا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
۽ ماڻهن کي اهڙو ئي گمان هو، جهڙو اوهان کي هو، ته ”الله هر گز ڪنهن کي رسول ڪري نه موڪليندو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
۽ اسان آسمان کي جاچيو، پوءِ ڏٺوسون ته هو سخت چوڪيدارن ۽ اماڙن سان ڀرجي ويو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
اسين اڳي آسمان جي رستن تي (ملائڪن جي) گفتگو ٻُڌڻ لاءِ ويهندا هئاسون، پر هاڻي جيڪو ڪن ڏيندو آهي، سو پاڻ لاءِ اماڙ وارو تارو ڏسندو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
(ان ڪري هاڻي) اسان کي خبر ڪانهي ته زمين وارن لاءِ سندن ڌڻيءَ تڪليف جو ارادو ڪيو آهي، يا سندن بهتريءَ جو ارادو ڪيو آهي!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
۽ اسان مان ڪي سڌريل آهن ۽ ڪي انهن کان سواءِ ٻيا به، ۽ اسين قسمين قسمين ٽوليون هئاسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
۽ اسان سمجهي ڇڏيو آهي ته اسين هر گز الله کان نڪي زمين ۾ کٽي سگهنداسون، نڪي کانئس ڀڄي کٽي سگهنداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
۽ جڏهن اسان سنئين رستي جي ڳالهه ٻڌي، تڏهن ان کي مڃيوسون- پوءِ جيڪو سندس ڌڻيءَ کي مڃيندو، اهو نڪي ڪنهن نقصان کان ڊڄندو، نه ڪنهن ظالم کان.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
۽ اسان ۾ ڪي مسلمان آهن ۽ ڪي گنهگار_ پوءِ جيڪي مسلمان ٿيا، تن سڌيءَ واٽ جي نيت ڪئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
پر جيڪي گنهگار ٿيا، سي دوزخ جون ڪاٺيون ٿيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
( ۽ اي رسول! چئو ته مون ڏانهن هي به) وحي آئي آهي ته جيڪڏهن ماڻهو سنئينءَ واٽ تي قائم رهن ها، ته ضرور اسين سندن (پوکن) کي گهڻو پاڻي پياريون ها.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
ته انهن منجهه کين پرکيون_ ۽ جيڪو شخص سندن ڌڻيءَ جي يادگيريءَ کان منهن موڙيندو، ان کي هو سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
۽ سڀ مسجدون فقط الله لاءِ آهن، ان ڪري الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي کان دعا نه گهرو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ جنهن مهل الله جو ٻانهو ان کان دعا گهرڻ لاءِ بيٺو، ته هو مٿس ڳاهٽ ڪرڻ تي هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
چئو ته آءُ ته فقط پنهنجي ڌڻيءَ کان ئي دعا گهران ٿو ۽ ان ساڻ ڪنهن هڪڙي کي به ڀائيوار نٿو ڪريان.
— محمد عثمان ڏيپلائي