007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
الۗمّۗصۗ 1ۚ
الف- لام- ميم- صاد-
— محمد عثمان ڏيپلائيكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
هي ڪتاب تو ڏانهن نازل ڪيل آهي ته تون ان سان ڊيڄارين ۽ مومنن لاءِ نصيحت آهي- تنهنڪري ان کان تنهنجو سينو تنگ ٿيڻ نه گهرجي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
جيڪي اوهان ڏانهن اوهان جي رب کان لاٿل آهن، ان جي ئي پيروي ڪريو، ۽ ان کي ڇڏي ٻين الاهن جي پيروي نه ڪريو اوهين گهٽ ئي نصيحت وٺو ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
اسان ڪيترن ڳوٺن کي ناس ڪيو. وٽن اسان جو عذاب رات جو آيو يا سندن ڏينهن جي سمهڻ وقت.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
پوءِ هنن، وٽن اسان جي عذاب اچڻ وقت فقط ايئن ئي ٿي چيو ته ”اسين برابر ظالم هئاسون.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ جن ڏانهن رسول موڪليا ويا تن کان به ضرور پڇنداسون ۽ رسولن کان به ضرور پڇنداسين.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ کين علم سان سڀ ٻڌائينداسون ۽ اسان کانئن پري ته نه هئاسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
اُن ڏينهن تور برابر ٿيندي، پوءِ جنهن جو پُڙ ڳرو هوندو اهي ئي ڪامياب هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ جنهن جو پُڙ هلڪو هوندو، سي نقصان هيٺ هوندا، جو هو اسان جي حڪمن سان بي انصافي ڪندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
بيشڪ اسان اوهان کي زمين ۾ رهايو ۽ ان ۾ اوهان جو گذران رکايوسون، پر اوهين گهٽ ئي شڪر ڪريو ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
بيشڪ اسان اوهان کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان جون صورتون بنايون سون، پوءِ اسان ملائڪن کي چيو ته ”آدم اڳيان جهڪو“ ۽ پوءِ ابليس کان سواءِ سڀ جهڪيا، مگر هو جهڪڻ وارن مان نه هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
(الله) چيو ”ابليس! جڏهن مون توکي حڪم ڏنو، ته توکي ڪهڙيءَ ڳالهه جهڪڻ کان روڪيو؟“ چيائين ”آءٌ ان کان بهتر آهيان. تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
چيائين ”تون نڪري وڃ ۽ توکي هتي تڪبر ڪرڻ جو حق نه آهي تنهن ڪري اتان نڪري وڃ! تون ذليلن مان آهين.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
چيائين ”مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
چيائين ته ”توکي مهلت آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
چيائين ”تو مون کي بي راهه ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ ضرو تنهنجي سڌيءَ واٽ تي (انهن کي تڪي) وهندس.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
پوءِ ضرور سندن اڳيان پٺيان. سڄي ۽ کٻي کان ايندس ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪرگذار نه ڏسندين.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
چيائين ”هتان ذليل ۽ خوار ٿي نڪري وڃ، جيڪي به انهن مان تنهنجي پيروي ڪندا، انهن ۽ اوهان سڀني سان جهنم ڀريندس.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
”اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال باغ ۾ رهو ۽ جتان وڻيوَ، اتان کائو پيئو مگر هن وڻ جي ويجهو نه وڃو، نه ته اوهين ظالم ٿي پوندؤ.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان سندن دلين ۾ وسوسو وڌو، ته جيڪي (عضوا) کانئن لڪل هئا، سي کين پڌرا ڪري ڏيکاري ۽ چيائين ته ”اوهان جي رب اوهان کي هن وڻ کان رڳو هن ڪري روڪيو آهي، جو اوهين ملائڪ نه بڻجي وڃو، يا هميشه جي حياتي نه حاصل ڪريو.“
— محمد عثمان ڏيپلائي