069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
قيامت!
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
ڇا آهي قيامت؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ ڪنهن توکي ڄاڻايو، ته ”ڇا آهي قيامت؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
ثمود ۽ عاد قومن قيامت کي ڪوڙ سمجهيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
پوءِ ”ثمودي“ ته هڪڙيءَ رڙ سان ناس ڪيا ويا-
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
۽ ”عادين“ کي وري هڪ تمام سخت هوا سان ناس ڪيو ويو.
— محمد عثمان ڏيپلائيسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
الله انهي کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳو لڳ مٿن هلايو- پوءِ انهي قوم کي ڏسين ها، ته ائين ڪريل هئا جو ڄڻ ته اهي ڀُتل کجيءَ جا ٿڙ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
پوءِ انهن مان ڪنهن کي بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ فرعون ۽ کانئس اڳيان ۽ ناس ڪيل شهرن وارا گنهگار ٿي آيا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
پوءِ هنن سندن ڌڻيءَ جي رسول جي نافرماني ڪئي ته الله کين وڏيءَ پڪڙ سان پڪڙيو!
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
بيشڪ جڏهن پاڻيءَ نهايت پالوٽ ڪئي، تڏهن اسان اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
ته انهي کي اوهان لاءِ يادگيري بنايون، ۽ ياد رکڻ وارو ڪن کيس ياد رکي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪبي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
۽ زمين ۽ جبل کڻبا ۽ کين هڪ دفعي ڪُٽبو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
پوءِ ان ڏينهن قيامت قائم ٿيندي-
— محمد عثمان ڏيپلائيوَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
۽ آسمان ڦاٽندو، جو ان ڏينهن ڍلو ٿي ويندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
۽ ملائڪ سندن ڪنارن تي هوندا ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جو تخت ان ڏينهن اٺ ملائڪ سندن مٿان کڻندا.
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
ان ڏينهن اوهان کي الله اڳيان آڻبو ۽ اوهان جي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه رهندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پوءِ جنهن کي سندن اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ڏبو، سو چوندو ”وٺو، منهنجو اعمالنامو پڙهو!
— محمد عثمان ڏيپلائياِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
بيشڪ مون کي يقين هو، ته آءُ پنهنجي حساب کي پهچندس.“
— محمد عثمان ڏيپلائي