068 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
نۗ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ 1ۙ
ن_ قلم ۽ جيڪي هو لکن ٿا، سي شاهد آهن،
— محمد عثمان ڏيپلائيمَآ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍ 2ۚ
ته تون سندس ڌڻيءَ جي فضل سان چريو ڪونه آهين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّ لَكَ لَاَجْرًا غَيْرَ مَمْنُوْنٍ 3ۚ
۽ بيشڪ تو لاءِ اڻ کٽ ثواب آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ 4
۽ بيشڪ تون تمام وڏي درجي جي لڇڻن وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُوْنَ 5ۙ
پوءِ تون به جلد ئي ڏسندين ۽ هو به ڏسي رهندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيبِاَىيِّكُمُ الْمَفْتُوْنُ 6
ته ڪير اوهان مان چريو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۠ وَهُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِيْنَ 7
بيشڪ تنهنجي رب کي چڱيءَ طرح خبر آهي، ڪير سندس واٽ کان ڀليل آهي ۽ اهو سنئين راهه تي هلندڙن کي به خوب ڄاڻي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِيْنَ 8
پوءِ تون انهن نه وسهندڙن جو چيو نه مڃج.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَدُّوْا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُوْنَ 9
هو ته چاهين ٿا ته جيڪڏهن تون نرمي ڪرين ته هو به ڪن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِيْنٍ ۙ10
۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جو چيو نه مڃج، جيڪو گهڻا قسم کڻندڙ، خوار،
— محمد عثمان ڏيپلائيهَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍۢ بِنَمِيْمٍ ۙ11
عيب ڪڍندڙ، چغليون هڻندو وتندڙ،
— محمد عثمان ڏيپلائيمَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
چڱي ڪم کان روڪيندڙ، حد کان لنگهيل، بدڪار،
— محمد عثمان ڏيپلائيعُتُلٍّۢ بَعْدَ ذٰلِكَ زَنِيْمٍ ۙ13
بڇڙين عادتن وارو ۽ ان کان پوءِ حرامي به آهي-
— محمد عثمان ڏيپلائياَنْ كَانَ ذَا مَالٍ وَّبَنِيْنَ ۭ14
هنڪري، جو هو مال ۽ اولاد وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 15
جڏهن وٽس اسان جو آيتون پڙهجن ٿيون ته هو چوي ٿو ته ”اهي ته اڳين جون آکاڻيون آهن.“
— محمد عثمان ڏيپلائيسَنَسِمُهٗ عَلَي الْخُرْطُوْمِ 16
اسين جلد ئي سندس سونڍ جهڙي نَڪ تي ڏنڀ ڏينداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا بَلَوْنٰهُمْ كَـمَا بَلَوْنَآ اَصْحٰبَ الْـجَنَّةِ ۚ اِذْ اَقْسَمُوْا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِيْنَ ۙ17
بيشڪ اسان هنن کي ائين آزمايو، جيئن باغ وارن کي آزمايو هوسون_ جڏهن قسم کنيائون ته ”پوک کي ضرور سويرو ئي لڻندا.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَا يَسْتَثْنُوْنَ 18
۽ ”انشاءَ الله“ به نه چيائون_
— محمد عثمان ڏيپلائيفَطَافَ عَلَيْهَا طَاۗىِٕفٌ مِّنْ رَّبِّكَ وَهُمْ نَاۗىِٕمُوْنَ 19
پوءِ سندن ستي ئي تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ان باغ تي ڪا بلا پيئي،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَصْبَحَتْ كَالصَّرِيْمِ ۙ20
جوهو لڻيل جهڙو ٿي ويو.
— محمد عثمان ڏيپلائي